رپورٽ: بدين: درگاھ احمد راڄو جا پاڏا چوري………..!!!

عوامي آواز رپورٽ
بدين: درگاھ احمد راڄو جا پاڏا چوري...........!!!
عوامي آواز رپورٽ  بدين: درگاھ احمد راڄو جا پاڏا چوري...........!!!

* بدين  درگاھ احمد راڄو جا خيرات لاء ملندڙ پاڏا چوري ڪرڻ بعد ڪاساين کي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي .

بدين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي درگاھ احمد راڄو جي عقيدتمندن الجھڙيو گوپانگ , حاجي صالح شورو , غلام حسين پسيو ۽ ٻين   چيو ته درگاھ احمد راڄو جو پاڏو جيڪو اسان کان مال تي لڳائڻ لاء گھريو ويو ھڪ شاھد جنھن جي سڄائپ تي اسان پاڏو ڏنو پر رفيق ملاح , مشتاق ملاح ڏنل پاڏو واپس ڪرڻ بجاء اھو ڪاسائين کي وڪرو ڪري ڇڏيو.

 هنن چيو ته  بار بار چوڻ  بعد  منٿ ميڙ ڪئي پر پاڏو واپس نه ڪيو ويو  ۽ اٽلندو  خاموش ويھي رھڻ لاءِ چيو ويو .

ھنن چيو ته اسان سيراڻي ٿاڻي تي اھڙي فرياد به داخل ڪرائي آھي پر پوليس خاموش آھي

 مريدن ايس ايس پي بدين کان  مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور درگاھ جو پاڏو وڪرو ڪندڙن ۽ ڪاسائي خلاف  ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو ………….

You might also like