بادامي قورمو

شيون:

ٻاڪرو گوشت: (گول ٻوٽي وارو) هڪ ڪلو

ثابت ڌاڻا:2  چانهه جا چمچا

بصر: سنهڙا ڪاٽيل 3 عدد

ڏهي: 1 پيالي

ڳاڙها ديڳي مرچ: 4 عدد

ننڍا ڦوٽا: 6 عدد

گرم مصالحو (پيٺل): 1 چانهه جو چمچو

ٿوم ۽ ادرڪ پيسٽ: 1 چانهه جو چمچو

تيل: 1 پيالو

لوڻ: ذائقي موجب

بادام: 10 کان 15 عدد

طريقو:

ديڳڙي ۾ تيل وجهي بصرن کي گولڊن برائون ڪري وٺو جڏهن بصر برائون ٿي وڃن ته انهن کي ڪڍي هڪ ڪاغذ تي پکيڙي ڇڏيو. هاڻ گوشت کي هڪ پيالي ۾ وجهي ڇڏيو، ٿوم، بصر، ادرڪ، ڳاڙها مرچ، گرم مصالحو (ٿوري پاڻي ۾ اٻاري ڌاڻن سان گڏ گرينڊر ۾ پيسيو) ۽ پوءِ گوشت سان گڏائي ڇڏيو. ان کان پوءِ مصالحو مليل گوشت تيل ۾ وجهي ڇڏيو ۽ بصر به ڪرش ڪري ان ۾ ملائي ڇڏيو ۽ هلڪي باهه تي پچڻ ڏيو. جڏهن گوشت جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته ان کي ڀڃي ڏيڍ پيالو گرم پاڻي جو وجهي وري هلڪي باهه تي 10 منٽن لاءِ رکي ڇڏيو. ان کان پوءِ ڪارو زيرو ۽ ننڍا ڦوٽا پيسي گڏائي ڇڏيو. بادام وجهي هلڪي باهه تي ٻيهر دم تي رکو. جيتري دير دم تي رکندا اوترو بهتر هوندو.

You might also like