بيماري وارن بيڪٽيريا جو آواز ٻڌندڙ انقلابي ٽيسٽ

ڊينمارڪ (ويب ڊيسڪ) هڪ اهڙي انقلابي ٽيڪنالوجي واضح ڪئي وئي آهي جنهن تحت ماهر هاڻي بيماري پکيڙيندڙ بيڪٽيريا جو آواز ٻڌي سگھن ٿا. ان سان اينٽي بايوٽڪ دوائون جي مزاحمت (اينٽي بايوٽڪس ريزسسٽنز ) جو به پتو لڳائي سگھجي ٿو جيڪو هن وقت ماهرن لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي.

ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ڊينمارڪ (ڊي ٽي يو) سان واسطو رکندڙ  ڊاڪٽر فاطما زهرا الاتراڪشي طرفان تيار ڪيل اهو نظام رڳو 30 سيڪنڊن ۾ ڪنهن انفيڪشن جو پتو لڳائي سگھي ٿو. ان سان سسٽڪ فائبروسس جي مريضن ۾ ڦڦڙن جي انفيڪشن جو پتو به لڳائي سگھجي ٿو. اهڙي طرح ماهرن بيڪٽيريا جو آواز ٻڌي اهو ڄاڻي سگھندا ته بيڪٽيريا پنهنجي انگ کي وڌائي رهيو آهي ۽ ڪڏهن اهو حملو ڪندو. اهڙي ريت انفيڪشن کي موت مار بڻجڻ کان اڳ ئي روڪي سگھجي ٿو.

واضح رهي ته ان ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ٽيسٽ اڃان پروسيس ۾ آهي، پر اميد آهي ته رڳو هڪ معمولي نموني سان ماهر انفيڪشن جي نوعيت ۽ بيڪٽيريا جو ورتاءُ ڄاڻي اندازو لڳائيندا ته اهو ڪهڙين دوائن ذريعي ٺيڪ ٿيندو ۽ ڪهڙا اينٽي بايوٽڪس ان تي ناڪارا ثابت ٿيندا. پر اهو سمورو ڪم رڳو هڪ منٽ کان به گھٽ وقت ۾ ٿي ويندو.

اهو نظام پيشاب جي نالي جي انفيڪشن کان وٺي موت مار ڦڦڙن جي مرض تائين لاءِ اثرائتو آهي. ان کان اڳ بيڪٽيريا جي ٿوري انگ سموري ڪالوني ٺاهي مرض جو سبب بڻجي انهن بيڪٽيرياز جو ڳالهيون ٻڌندي علاج جي راهه هموار ڪندو آهي.

فاطما زهرا پري ڊائيگنوس نالي هڪ ڪمپني ٺاهي آهي جيڪا بيڪٽيريا جي سڄاڻپ کي نئين انقلاب سان منهن ڏيندو. ڊاڪٽر فاطما زهرا موجب جيڪڏهن خاص بيڪٽيريا جي سرگرمي ڄاڻي وٺجي ته ڊاڪٽر درست علان ڪري سگھن ٿا جنهن سان وقت ۽ وسيلن جي بچت ٿيندي.

بيڪٽيريا خاص قسم جا جزا خارج ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن ۽ جيڪڏهن جزا خارج ٿي رهيا هجن ته اهو ظاهر ڪندا آهن ته ان جو انگ گھڻو آهي.