بابر اعظم آسٽريليا کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽيم کي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافيءَ جي افتتاح کانپوءِ سڊني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوان بيٽسمين بابر اعظم جو چوڻ هو ته مان 2015 کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، انڊر 19 ۾ ڪپتاني ڪئي آهي ۽ هاڻ به ڪپتاني لاءِ تيار آهيان، مان وقت سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه سکي رهيو آهيان ۽ ڪوشش ڪندس ته جيڪو سکيو آهي، ان تي عمل ڪيان.

هن چيو ته آسٽريليا بهترين ٽيم آهي، تنهن ڪري سٺو مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو، اها سيريز اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ به هتي ئي ٿيندو، تنهن ڪري اسان کي ان سيريز جو فائدو ٿيندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بابر اعظم ڪپتان طور پهرين امتحان ۾ ڪامياب

سندس چوڻ هو اسان جي پلاننگ اها ئي آهي ته پرفارمنس ڏينداسين ته ڪنهن تي دٻاءُ نه ايندو، وهاب رياض، محمد عامر ۽ محمد عرفان سان گڏ نوجوان رانديگر به آهن، جن سان ٽيم جو سٺو ڪامبينيشن آهي، عامر ۽ عرفان جي موجودگيءَ ۾ ڊيوڊ وارنر لاءِ پلان ٺاهيو آهي.

بابر اعظم موجب پاڪستان هن وقت ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ نمبر ون ٽيم آهي ۽ ان جي ڪپتاني به مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، سرفراز احمد ان کي نمبر ون ٽيم بڻايو ۽ منهنجي ڪوشش هوندي ته قومي ٽيم جي ان رينڪنگ کي برقرار رکان.


قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نئين ڪپتان جو چوڻ هو ته سرفراز احمد جي کوٽ محسوس ڪنداسين، ڇو ته پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ ان جون وڏيون خدمتون آهن.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات سڀاڻي 3 نومبر کان ٿيندي، ٻنهي ٽيمن ۾ ٻي ميچ 5، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي.

ان کانپوءِ پاڪستاني ٽيم اظهر علي جي قيادت ۾ آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏندي.

آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، آصف علي، فخر زمان، حارث سهيل، محمد حسنين، افتخار احمد، عماد وسيم، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد عامر، محمد عرفان، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، موسيٰ خان، شاداب خان، عثمان قادر ۽ وهاب رياض شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.