پريڪٽس مئچ، گرين شرٽس ليسٽر شائر کي 58 رنسن تان هارائي ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ليسٽر شائر کي ٽي ٽوئنٽي پريڪٽس مئچ ۾ 58 رنسن تان هارائي ڇڏيو. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ ليسٽر شائر جي سڄي ٽيم 19.2 اوورن ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان طرفان بابر اعظم زبردست بيٽنگ ڪندي 63 بالن تي 2 ڇڪن 13 چوڪن جي مدد سان 101 رنسن ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان 52، آصف علي 22 ۽ فهيم اشرف 11 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.

ليسٽر شائر جي مائيڪ 3، ڊي ڪلائن 2 شڪار ڪيا  جڏهن ته  ڊيوس جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي .

هدف جو پيڇو ڪندي گرين شرٽس جي بالنگ اٽيڪ اڳيان ليسٽر شائر جا بيٽسمين گهڻو دير ڪريز تي بيهي نه سگهيا۽ هڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا، مائيڪ سڀ کان وڌيڪ 37 رنسون ٺاهيون جڏهن ته پاڪنسن 27، ڪاسگرو 19 ۽ ايم علي 10 رنسن جي اننگز کيڏي.

پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ عماد وسيم ٻن، ٻن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو جڏهن ته فهيم اشرف، حسن علي، محمد حسينن ۽ حارث سهيل هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like