ميرا جي فلم سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول جي زينت بڻبي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور اداڪارا ميرا ۽ آمنا الياس جي فلم “باجي” موزيڪ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ايوارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

اداڪارا ميرا، آمنا الياس ۽ عثمان خالد بٽ جي فلم “باجي” کي جتي پاڪستاني شوقينن طرفان سٺو رد عمل مليو، اتي اها فلم عالمي پليٽ فارمز تي به گھڻي پسند ڪئي پئي وڃي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خليل الرحمان قمر برابري جو مطالبو ڪندڙ عورتن کي صلاح ڏئي ڇڏي..!

ٻه مهينا اڳ “باجي” موزيڪ انٽرنيشنل سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي جتي فلم ٻه ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. ۽ هاڻ “باجي” هڪ ٻئي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي.

فلم “باجي” جي ٽيم انسٽاگرام تي اها خوشخبري ماڻهن سان شيئر ڪندي لکيو ته فلم ايندڙ مهيني 16 نومبر تي “وينڪور انٽرنيشنل سائوٿ ايشين فم فيسٽيول” ۾ نمائش لاءِ پيس ڪئي ويندي. اداڪارا ميرا به اها پوسٽ شيئر ڪري مداحن کي ٻڌايو ته هن جي فلم عالمي فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ياسر حسين اقرا عزيز جي غلامي ڏيڻ لاءِ تيار

واضح رهي ته هدايت ڪار ثاقب ملڪ جي فلم “باجي” ۾ اداڪارا ميرا شميرا جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ماڊل آمنا الياس، عثمان خالد بٽ ۽ علي ڪاظمي ٻيا ڪردار ادا ڪيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.