سنڌ جي نسلن کي کائيندڙ خطرناڪ بيمارين خلاف جاڳرتا جي ضرورت

مقبول ملاح

بين الاقوامي سطح تي جڏهن به ڪا رپورٽ شايع ٿي آهي ته پاڪستان جي ڳڻپ سدائين ڳڻتي جوڳي سطح تي رهي آهي، جيڪڏهن رپورٽ ڪرپشن بابت شايع ٿيندي ته پاڪستان پهرين 10 ڪرپٽ ملڪن ۾ شامل هوندو، جيڪڏهن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ڳالهه ڪبي ته پاڪستان دنيا ۾ انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن،48 سيڪڙو اسڪولن ۾ ته پيئڻ جو پاڻي ۽ واش روم ئي ناهن، بلڪه هزارين اسڪول بنا بلڊنگ جي هلن ٿا ۽ جيڪي اسڪول کليل آهن ته انهن مان هزارين اسڪولن ۾ استاد وڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن، جڏهن ته ڪيترا ئي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن ۽ ڪيترن ۾ ته گڏهه بيٺل نظر ايندا.

خطرناڪ بيمارين جو تيزي سان پاڪستان ۾ پکڙجڻ

سڄي دنيا مان پوليو وائرس ختم ٿي چڪو آهي ۽ رڳو 3 ملڪن ۾ موجود آهي، جنهن ۾ پوليو جو وائرس آهي، پر بدقسمتي سان ان ٽن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي، جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ نائجيريا،افغانستان به شامل آهن. پاڪستان ۾  1992ع کان پوليو کان بچاءَ جي ويڪسين جي مهم شروع ٿي آهي، پر اڄ ڏينهن تائين پاڪستان کي پوليو فري ملڪ به ناهيون بڻائي سگھيا. 2017ع ۽ 2018 ۾ پوليو جي ڪيسن کي ڏسندي ائين پئي لڳو ڄڻ جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجي ويندو، پر 2019ع ۾ هڪ دفعو ٻيهرخطرناڪ حد تائين پوليو جا ڪيس وڌيا آهن، پوليو جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس خيبرپختون خواهه ۾ آهن، جنهن جو خاص سبب اتان جا والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا نه ٿا پيارين، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ پوليو جي ڦڙن کان انڪار ڪندڙ وڌ کان وڌ پٺاڻ ڪميونٽي ئي آهي.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت جو سبب بڻجندڙ بيمارين ۾ هيپاٽائيٽس ٻئي نمبر تي آهي، جيڪا پڻ پاڪستان ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي، هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس بي يا سي ۾ مبتلا آهن ۽ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو هيپاٽائيٽس جي مرض سبب موت جي ور چڙهيو وڃن، صرف سنڌ ۾ 30  لک شهرين جي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

شگر جي مرض به پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندو پيو وڃي ۽ هر چوٿون ماڻهو پاڪستان ۾ شگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.

صحت جي عالمي اداري جي گذريل سال جي انگن اکرن موجب پوري دنيا ۾ 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهو ايڇ آءِ ويءَ  ۾ ورتل آهن. جنهن ۾ وڏو تعداد انهن مريضن جو آهي، جنهن جي عمر 15 سالن کان گهٽ آهي. دنيا ۾ هر روز اٽڪل 5 هزار ماڻهن ۾ هي وائرس منتقل ٿي رهيو آهي. جن مان رڳو 59 سيڪڙو مريضن کي دوائن تائين رسائي حاصل. ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي مريضن جو 70 سيڪڙو آفريڪا ۾، 14 سيڪڙو ايشيا ۽ 6 سيڪڙو يورپ ۽ آمريڪا ۾ موجود آهي.

80 واري ڏهاڪي ۾ اهو مرض آمريڪا ۾ ظاهر ٿيو هيو، ۽ پاڪستان  ايڊز جي نالي کان به اڻ واقف هيو،  اِيڊز بابت جڏهن معلومات ملي ته اها خبر پئي ته مغربي ملڪن ۾ جنسي لاڳاپن ايڊز جو مرض پکڙجي رهيو آهي، اڳتي هلي سائنس اهو ثابت ڪيو ته اهو مرض صرف جنسي لاڳاپن ڪري نه پر رت جي مٽاسٽا ڪري به هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين پکڙجي ٿو.

تازو ايڊز بابت گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي، جنهن موجب پاڪستان دنيا ۾ ايڊز پکڙجڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته دنيا 2030 تائين ايڊز کان جان ڇڏائڻ لاءِ  منصوبو جوڙي رهي آهي، پر پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ايڊز جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي، ايتري تائين جو هن وقت پاڪستان ۾ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ  ايڊز جا مريض موجود آهي، ۽ هي مرض وچڙندڙ مرض آهي.

جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڄاڻ جا ذريعا سستا ۽ سولا ٿي پيا آهن، پر تنهن هوندي به ماڻهو احتياط نه ٿا ڪن ۽ حيرت وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ايڊز جو اهو مرض شهرن بدران ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڌيڪ آهي،

مٿي ذڪر ڪيل بيماريون جن ۾ پوليو هجي يا هيپاٽائيٽس، شگر هجي يا ايڊز انهن سڀني بيمارين کان احتياط ذريعي ئي بچي سگهجي ٿو.  خاص ڪري هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز ته وچڙندڙ بيماريون آهن ۽  اهي بيماريون خاص ڪري جنسي لاڳاپن ۽ رت جي مٽاسٽا ڪري به ڪري پکڙجن ٿيون، تنهن ڪري اسان کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوندا آهن ته علاج کان احتياط بهتر آهي  ۽ احتياط ذريعي ئي انهن موذي مرضن کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like