ايڊز بابت جاڳرتا مهم جي ضرورت

مقبول ملاح

هر روز جيان اڄ به جيئن ئي آفيس اچي عوامي آواز پڙهيم ته تصوير سان گڏ خبر تي نظر پئي، جنهن ۾  ايڊز ۾ وڪوڙيل ڳيريلي واسي پورهيت ڪرم بليدي جي فوتگي جي خبر هئي،  ڪرم بليدي کي ته لفظ ايڊز جي خبر ناهي، هو ته سدائين ائين سمجهندو هو ته کيس ڪا معمولي بخار آهي،  پر هو ته ايڊز واري بيماري ور چڙهي حياتي وڃائي ويٺو.

اها ڳالهه اسان لاءِ پريشان ڪندڙ آهي ته بين الاقوامي اداري ڊبليو ايڇ او، ايڊز کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ تيزي سان ڦهلجندڙ مرض قرار ڏنو آهي، هڪ سروي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت هڪ لک کان وڌيڪ ايڊز جا مريض موجود آهن، پنجاب ۾ 60000 هزار، سنڌ ۾ 52000 هزار، خيبر پختون خواهه ۾ 11000 هزار ۽ 3 ڪيس بلوچستان ۾ رپورٽ ٿيل آهن، جڏهن ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 6000 هزار مريض آهن، جڏهن ته مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ايندو پيو وڃي.

هوڏانهن آگسٽ 2018 ۾ نيشنل هيلٿ سروسز جي وزارت طرفان  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ هڪ رپورٽ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ ۾ 60 هزار ايڊز جا مريض موجود آهن.   2018 ۾ صحت کاتي طرفان حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پڻ 500 ڳوٺن ۾ بلڊ اسڪريننگ ڪئي هئي، جنهن ۾ 50 ماڻهن کي ايڊز جو مرض ظاهر ٿيو، چيو وڃي ٿوته 5 ماڻهو ايڊز جي مرض سبب فوت ٿي چڪا هئا، پر صحت کاتي طرفان ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو  ۽ وڌيڪ بلڊ اسڪيننگ ڪرڻ بند ڪري ڇڏي.

2019 ۾ جڏهن رتوديرو ۾ بلڊ اسڪريننگ جي شروعات ڪئي وئي ته خبر پئي ته سون جي تعداد ۾ ماڻهن ۾ ايڊز جو وائرس موجود آهي، صرف رتوديرو ۾ هڪ مهيني اندر لڳ ڀڳ 18 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، جنهن مان 572 ماڻهن کي ايڊز جي وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن ۾ وڏو انگ ٻارڙن جو آهي، جنهن ۾ 463 ٻارڙا ايڊز جي مرض ۾ شامل آهن، هي اهي ٻارڙا آهن جن ته اڃان تائين ڪي خواب به نه ڏٺا هئا.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ايڊز جو مرض اوڏوهي جيان سنڌ واسين کي کائيندو پيو وڃي، ڪراچي کان ڪشمور تائين، بدين ضلعو هجي ته ٿرپارڪر ڪوبه اهڙو ڳوٺ ناهي، جتي بلڊ اسڪيننگ ٿئي ۽ ايڊز جو مرض ظاهر نه ٿئي. پر عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ جي صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ لاءِ پيسا ئي ڪونهن.

سڀ کان پهريان پاڪستان ۾ عام ماڻهن کي اها ئي خبر ئي ناهي ته ايڊز آهي ڇا ۽ اها ڪيئن ٿي ڦهلجي، اهو ئي سبب آهي جو ايڊز جي مريض سان هن معاشري ۾ سدائين امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي، ايتري تائين جو ساڻس گڏ کائڻ ته ڇا پر ڪير گڏ ويهڻ به پسند نه ڪندو آهي، ايڊز جو وائرس جڏهن انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ته اهو انسان ۾ موجود رت جي اڇن جزن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي جزا انسان کي جسم ۾ مختلف بيمارين کان محفوظ رکن ٿا، اڇن جزن جي ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ ايڊز جي مريض ۾ عام بيمارين خلاف وڙهڻ جي صلاحيت گهٽجيو وڃي، جڏهن ڪنهن کي ايڊز ٿي ويندي آهي ته  کيس مسلسل بخار نه ڇڏيندو آهي، سخت ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي،  کيس کنگهه، ساهه منجهڻ، دست، ڊپريشن، چمڙي تي داغ وغيره ٿيندا ۽ سندس وزن گهٽبو وڃبو.  ايڊز ڪڏهن به گڏ ويهڻ يا کائڻ پيئڻ سان به نه ڦهلبي آهي. وائرس جي ڦهلاءَ جو بنيادي ذريعو رت جي مٽا سٽا به آهي، جيئن ايڊز جي متاثر مريض يا نشو ڪندڙ شخص جي استعمال ٿيندڙ سرنج،  ايڊز جي مريض جي شيو وارو بليڊ، پيدا ٿيندڙ ان ٻار کي جنهن ماءُ کي حمل دوران ايڊز جو مرض هجي، ايڇ آءِ وي/ايڊز کان متاثر ڪنهن عورت يا مرد سان جنسي لاڳاپا رکڻ،  ايڊز ۾ مبتلا مريض جو ڪنهن کي رت ملڻ،  ڊاڪٽرن يا اسپتالن ۾ اهي اوزار جيڪي هڪ مختلف مريضن لاءِ استعمال ڪجن ٿا.

سنڌ حڪومت خاص ڪري صحت کاتي کي گهرجي ته هو پنهنجن ماڻهن جي واهر ڪن، هيپاٽائيٽس کانپوءِ ايڊز سنڌ ۾ گهر ڪندي پئي وڃي، ايڊز خطرناڪ مرض ضرور آهي، پر لاعلاج ناهي،  جيتوڻيڪ ايڊز جو وائرس بلڪل ختم نه ٿو ٿئي، پر ايڊز جي وائرس تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ ايڊز جو مريض نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو.

ايڊز ڦهلائڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو عطائي ڊاڪٽر ۽ حجام آهن، جتي هڪ سرنج يا بليڊ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن کي استعمال ڪن ٿا، جن سان رت جي مٽاسٽا ٿئي ٿي،  جنهن جو ثبوت ان ڊاڪٽر جي گرفتاري آهي. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪٿي به حڪومت جڏهن به عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪندي کين گرفتار، يا سندن اسپتال بند ڪرائي وئي آهي ته چند ڏينهن ۾ اها ٻيهر کليو وڃي، جيڪڏهن حڪومت مستقل بنيادن تي اهڙيون اسپتالون بند نه ٿي ڪرائي سگهي ٿي گهٽ ۾ عطائي ڊاڪٽرن کي رجسٽر ڪري، انهن کي مختلف ڪورس ڪرائي ته جيئن هو انساني زندگين کي کيڏي نه سگهن.

سماج سڌارڪ ڌرين کي گهرجي ته هو ان سماج ۾ ايڊز يا ايڊز ڦهلجڻ بابت ماڻهن کي آگاهي ڏين.

You might also like