ٿر ۾حالتون سنگين ٿي ويون، سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جون حالتون ويتر خراب ٿي ويون آهن، ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ننگر پارڪر،ڪلوئي،ڏاهلي،ڇاڇرو،ڏيپلو جي 2305 ڳوٺن ۾ صورتحال سنگين ٿي وئي آهي، هن وقت سخت گرمي جي موسم ايندي ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي،ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽…

ٺري ميرواهه واسڻ عورت کي عدالتي حڪم باوجود انصاف نه مليو، احتجاج

ٺري ميرواهه (ن ع آ)ٺري ميرواهه ۾ چئن سالن کان دربدري واري زندگي گذاريندڙ عورت روشنا راڄپر سان انصاف نه ٿي سگهيو، عدالت سڳوري جي حڪم باوجود ٺري ميرواه پوليس گهر تان قبضو ختم نه ڪرائي سگهي، روشنا راڄپر جي اڳوڻي مڙس عطاالله اسلامي ۽ ٻين گهر تي…

دادو ۾ پي ٽي آءِ ڪائونسلر جو سڙيل لاش هٿ

دادو (ڊ ر)دادو پي ايس موندر ٿاڻي جي حد مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪائونسلر 33 ورهين جي امتياز شاهاڻي جو لاش موندرٿاڻي ڀرسان درگاهه شهنشاهه وٽان سڙيل حالت ۾ مليو آهي. جڏھن ته ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم…

جيڪب آباد لڳ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ فوت، ٻيو زخمي

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد واسي ھندو نوجوان جي موٽر سائيڪل جو روجھاڻ ڀرسان وين سان ٽڪر ھڪ فوت ھڪ زخمي جيڪب آباد جي ڏنگر پاڙي جي رھواسين ھندو نوجوانن 20 ورھين جي اويناش ۽ 21 ورھين جي ونود ڪمار جي موٽر سائيڪل جو روجھاڻ جمالي ڀرسان کوسا موڙ وٽ…

ڪنڌڪوٽ ڀرسان نوجوان شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر/س ر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڳاڙهو شاخ جي رهواسي نوجوان 20 ورهين جو  ماجد علي پٽ محبوب علي نصيراڻي ڳاڙهو شاخ ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جي ٻڏي وڃڻ بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش شاخ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي…

گهوٽڪي ۾ بلڊر جي گهر تي ڇاپو، پوليس تي پٿراءُ، مک جوابدار فرار، 10 گرفتار

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مهر  ) گهوٽڪي ۾ سکر جي بلڊر رائو آصف ۽ راڻا شاڪر جي گهر تي پوليس جو ڇاپو, مک جوابدار فرار 10 ڄڻا گرفتار خبر موجب هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي گهوٽڪي ۽ سکر پوليس پاران ڪاروائي دوران مختلف ڏوهن جي 17 ڪيسن ۾ روپوش ٿيل بسم الله…

ٺٽي ۾ لاڪ ڊائون باوجود بدامني، دڪان مان لکين رپين جو سامان چوري

 ٺٽو (رپورٽ: شبير ڀٽي)  50 ڏينھن واري ڊگھي لاڪ ڊائون بعد ٺٽي ضلعي ۾ ڏوھن وارداتن ۾ ھيڪاندو اضافو اچي پيو، گھر، دڪان، آفيس، ۽ ڪاروبار مرڪز مان چورين جي وارداتن ۾ تيزي متل، شھري ڦرجڻ لڳا پوليس ڪک ڀڄي بيڻو نه  ڪيو، شھر ۾ قائم ميمڻ گڊز…

ڪوٽڏيجي ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ديھ سوهو ڀرسان سم نالي وٽان ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم 4 هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي ڳوٺڪلر ڪانڌڙو لڳ نئو ڪوٽلو جي رهواسي 15 سالا نينگر عبدالغفار ولد جمن ڪانڌڙو مٿان فائرنگ ڪري سي ڊي موٽر سائيڪل 2018 روڪ…

ڪورونا جي سنگين صورتحال ۾به حڪمران ڪرپشن ۾پورا آهن: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم ترجمان ديدار شام قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر پهچي ساڻس عيادت ڪري گلن جو تحفو پيش ڪيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب لاڪ ڊائون ۾…

ساماري ۾ گودامن تي ڇاپو، ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ هٿ

سامارو (ن ع آ)سامارو جي جھڏي روڊ تي واقع  واپاري ۽ ٽائون چيئرمين  جي ڪڻڪ گدام تي فوڊ انسپيڪٽر سامارو افتخار جو پوليس گڏ ڇاپو، غيرقانوني طور لوڊ ٿيل ڪڻڪ جي ٽرڪ ھٿ ڪري ورتي، ان موقعي تي فوڊ انسپيڪٽر افتخار چيو ته ھن وقت ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر پاران…