آسٽريا جي اسڪولن ۾ حجاب تي پابندي جو بل منظور

 

ويانا (ويب ڊيسڪ) آسٽريا جي پارليامينٽ پرائمري اسڪولن ۾ حجاب تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو.

رپورٽن موجب يورپي ملڪ آسٽريا جي پارليامينٽ پرائمري اسڪولن ۾ حجاب تي پابندي وارو بل منظور ڪيو آهي، حڪومتي جماعت ۽ اتحادين طرفان بل جي حق ۾ ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته مخالف جماعتن بل جي مخالفت ڪئي.

مسلمان مخالف تاثر سان ٻارن لاءِ بل ۾ چيو ويو آهي ته اها پابندي هر ان نظريي ۽ مذهب تي لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ مٿو ڍڪڻ شامل آهي.

آسٽريا جي حڪومت جو چوڻ آهي ته اها پابندي سک برادري ۽ يهودين جي ٽوپي تي لاڳو نه ٿيندي، جڏهن ته بل کي عدالت ۾ چيلينج ڪري سگھجي ٿو.

ٻئي پاسي بل جي منظوري کان پوءِ آسٽريا ۾ مسلمان تنظيمن طرفان سخت رد عمل سامهون آيو آهي.

You might also like