وارنر، فنچ ۽ ميڪسويل جو ڪُٽڪو، سريلنڪا کي وڏي مارجن تان شڪست

 

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم اوپنر ڊيوڊ وارنر جي شاندار سينچري جي مدد سان سريلنڪا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 134 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ايڊيليڊ ۾ سريلنڪن ڪپتان لاسٿ ملنگا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو مهمان ٽيم لاءِ خوفناڪ ثابت ٿيو ۽ ڪينگروز اوپنرن شروعات کان ئي سريلنڪن بالرن خلاف جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو.

ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر ٽيم کي 122 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪئي، فنچ 64 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر وارنر شاندار بيٽنگ جو مظاهرو جاري رکندي رڳو 56 بالن تي ناٽ آئوٽ سينچري مڪمل ڪري ٽيم کي وڏي ٽوٽل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو، ان سان گڏوگڏ گلين ميسڪيول 38 بالن تي 62 رنسن جي تيز اننگز کيڏي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪينگروز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بابراعظم

آسٽريليا مقرر اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 233 رنسن جو جبل جيڏو اسڪور ٺاهيو.

سريلنڪا طرفان لڪشن سنڊاڪن ۽ ڊاسن شناڪا هڪ – هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا.


جواب ۾ مهمان بيٽسمين آسٽريلوي بالنگ اٽيڪ کي منهن نه ڏئي سگهيا ۽ سريلنڪن مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 99 رنسون ٺاهي سگهي.

آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 3، پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ 2-2، جڏهن ته ايشٽن ايگر هڪ وڪيٽ ورتي.

اهڙي ريت آسٽريلوي ٽيم پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي 134 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ميچ جو بهترين رانديگر ڊيوڊ وارنر کي قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.