ايشز سيريز: آسٽريليا ورلڊ ڪپ جي فاتح انگلينڊ کي گهر ۾ ئي ڍير ڪري ڇڏيو

 

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پيٽ ڪمنز ۽ نيٿن ليون جي بهترين بالنگ عيوض ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 251 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو.

برمنگهم ٽيسٽ جي آخري ڏينهن انگلش ٽيم آسٽريليا طرفان مليل 398 رنسن جي هدف پويان 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ڪينگروز طرفان اسپنر نيٿن ليون بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز چئن انگلش بيٽسمينن کي پويلين موٽايو.

سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پهرين اننگز ۾ اسٽيون سمٿ جي شاندار 144 رنسن جي اننگز عيوض 284 رنسون ٺاهيون هيون.

جواب ۾ انگلش ٽيم 374 رنسون ٺاهي ڪينگروز تي 90 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ٻي اننگز ۾ مهمان آسٽريلوي ٽيم شاندار واپسي ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 487 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪندي انگلينڊ کي 398 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، سمٿ ٻي اننگز ۾ به بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 142 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ميٿيو ويڊ پڻ سينچري اسڪور ڪئي.

You might also like