ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا 5 اهلڪار مارجي ويا

 سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي اننتناگ ۾ مصروف روڊ تي ڀارتي فوج تي حملي ۾ 5 اهلڪار مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

ڀارتي ميڊي  موجب سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي حملي آور کي مارجي ڇڏيو جڏهن ته هن جي قبضي مان رائفل به هٿ ڪري ورتي آهي.

سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ هو ته لڳ ڀڳ 2 موٽر سائيڪل سوار حملي آورن پيٽرولنگ تي مقرر سينٽرل ريزرو پوليس فورس ( سي آر پي ايف) کي ڪي پي روڊ تي آٽوميٽڪ رائفل سان نشانو بنايو ۽ پيٽرولنگ ٽيم تي دستي بم به اڇلايا.

You might also like