آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.  جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر جهانزيب بروانا پيس ٿيا جڏهن ته آصف زرداري طرفان فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس عامر فاروق چيو ته نيب مڪمل طور دليل ڏنا آهن، ڪا شيءَ رهجي وئي آهي ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. نيب جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ سمٽ بئنڪ جي چيئرمين جو نالو به آهي، 29 جعلي بئنڪ اڪائونٽ آهن، ايف آءِ آر ۾ شيون موجود آهن، دستاويز جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت موجود آهن، سمٽ بئنڪ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته هي ٽرائل ڪيس ناهي توهان آصف زرداري جي ضمانت تي دليل ڏيو، عدالتي وقت قيمتي آهي، توهان ضمانت تي دليل ڏيو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پارڪ لين ڪيس الڳ آهي، جڏهن ايندو ته جواب ڏينداسين. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته توهان جي آساني لاءِ نيب وڪيل هاڻي دليل ڏئي رهيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر طرفان پارڪ لين ڪيس جي ذڪر تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس عامر فاروق چيو ته پارڪ لين کي ڇڏيو، اهو ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس سان ڪهڙو تعلق آهي، مون کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته توهان ڪيس کي ڪهڙي پاسي کڻي وڃي رهيا آهيو، ڪيس کي اڪلايو ايڏو ڊگهو ڇو ڪري رهيا آهيو.  نيب جي وڪيل چيو ته آصف زرداري ضمانت جو حقدار ناهي،  عدالت پڇاڻو ڪيو ته آصف زرداري جو ڪردار ٻڌايو، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته غير معمولي حالتن ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري ڏئي سگهجي ٿي، درخواستگذار غير معمولي حالتن جا گرائونڊ نه ڏنا آهن، ڪيس التوا ۾ ٿي رهيو هجي يا شديد نوعيت جي بيماري هجي ته ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري جو سڌو اڪائونٽ کولرائڻ سان ڪو تعلق ناهي، نيب جو روزاني بنيادن تي آصف زرداري خلاف آپريشن جاري آهي، پهريون جواب تي جواب سان دستاويز ڏنا آهن، جعلي اڪائونٽ کولڻ  جي حد تائين آصف زرداري جوابدار ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.