اسٽيل مل سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو…..! اهم مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسٽيل مل سنڌ جو اثاثو آهي، ان کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ساجد طوري جي صدارت هيٺ سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اسٽيل م جي زمين جي ويليو وڌي چڪي آهي، حوالي ڪيو، جيئن ان کي سنڌ حڪومت هلائي. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت ان جي مالڪ آهي، اُها ئي فيصلو ڪري.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسٽيل مل پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي هلي سگهي ٿي، روس، چين ۽ مقامي ڪمپنيون دلچسپي وٺي رهيون آهن، چيني ڪمپنين وٽ سيڙپ آهي، اُهي اِهو ڪم ڪري سگهن ٿيون.

آصف زرداري چيو ته چيني منافعو ڪمائڻ چاهن ٿا، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري گهربل هوندي، اسٽيل مل في ٽن قيمت ۾ ڪيترائي سيڪڙو واڌ ٿي.

اڳوڻي صدر جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل هلي رهي هجي ها ته ڪيترائي سيڪڙو منافعي ۾ هجي ها،  چين بهتر آپشن آهي، مقامي ڪمپنين وٽ ايتري سيڙپڪاري جي صلاحيت ناهي.

You might also like