عامر ۽ آصف ورلڊ ڪپ کيڏندا يا نه…؟ سليڪشن ڪميٽي وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاھور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر، ڪپتان سرفراز احمد ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ صلاح مشورو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ سليڪٽرن جارحاڻي بيٽسمين آصف علي ۽ تجربيڪار فاسٽ بالر محمد عامر تي اعتماد جو اظهار ڪندي کين ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل فهيم اشرف ۽ اوپننگ بيٽسمين عابد علي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جن جي جاءِ تي محمد عامر ۽ آصف علي 15 رڪني ٽيم جو حصو هوندا.

فيصل آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جي آصف علي سائوٿمپٽن ۾ ٻي ون ڊي ۾ 36 بالن تي 51 ۽ برسٽل ۾ ٽين ون ڊي ۾ 43 بالن تي 52 رنسن جي اننگز کيڏي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ پنهنجي سيٽ پڪي ڪرائي ورتي.

ٻئي پاسي فاسٽ بالر محمد عامر، جيڪو بيماري سبب قومي ٽيم کان ڌار ٿي ويو هو ۽ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي کي به سليڪشن ڪميٽي ورلڊ ڪپ کيڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

51 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ 32.85 جي ايوريج سان 60 وڪيٽون وٺندڙ محمد عامر جيتوڻيڪ آخري 14 ميچن ۾ رڳو پنج وڪيٽون ئي وٺي سگھيو آهي پر انگلينڊ خلاف آخري ٻن ون ڊي ميچون يا ورلڊ ڪپ ورام اپ ميچون کيڏڻ کان سواءِ ئي هو سڌي ريت ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو آهي.

You might also like