ارمينا خان مداحن کي مُنجهائي ڇڏيو…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ارمينا خان پنهنجي ڪزن فيصل سان شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ارمينا خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هوءَ اڇي رنگ جا ڪپڙا پائي مُرڪي رهي آهي، تصوير سان گڏ هن لکيو ته ٿورو اندازو لڳايو ڪنهن جي شادي ٿي رهي آهي؟

هن جوڙي بابت وضاحت ڪندي چيو ته هن اهو جوڙو شادي لاءِ لباس تيار ڪندڙ هڪ ڪلب کان حاصل ڪيو آهي ۽ اهو يقينن هن جو عروسي جوڙو ناهي.

اداڪارا چيو مون کي اهو لباس پائي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ۽ اهڙي ئي قسم جو ٻيو لباس به آزمائينديس.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ارمينا خان پوسٽ ۾ پنهنجي مڱيندي فيصل خان کي مينشن ڪندي سندس ٿورا به مڃيا.

ارمينا خان اهو واضح نه ڪيو ته هوءَ شادي ڪري رهي آهي يا نه پر سندس پوسٽ کانپوءِ مداحن جو خيال آهي ته اداڪارا پاڻ شادي ڪري رهي آهي.

You might also like