ڪارن بغلن ۽ ڌپ کان پريشان نه ٿيو…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بغلن جو رنگ ڪارو ٿيڻ ڪا پيچيده بيماري ته ناهي پر ان سان ماڻهن کي ذهني مونجھارو ضرور ٿيندو هوندو جيڪو لاپرواهي جو نتيجو هوندو آهي. اڄ اسان توهان کي ان جو سستو ۽ آسان حل ٻڌائينداسين.

بغلن کي صاف ڪرڻ لاءِ هتي اسين مختلف ٽوٽڪا ٻڌايون ٿا جيڪي گھر ۾ آساني سان استعمال ڪري سگھجن ٿا.

اصل ۾ بغلن جو رنگ ڪارو شيونگ ريزر استعمال ڪرڻ، پگھر جي بدبوءِ کان بچاءُ لاءِ باڊي اسپري، پرفيوم وغيره استعمال ڪرڻ جن الڪحل ڪافي مقدار ۾هجي ٿو، اهو بغلن کي ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ شيونگ ريز جي بدران ويڪسنگ ڪريو، ان لاءِ ويڪس ڪريم جو استعمال بهتر ٻڌايو وڃي ٿو. ان سان غير ضروري وار به ختم ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي واڌ ويجھه به سست ٿي ويندي آهي ۽ ڪو زخم يا انفيڪشن به نه ٿو ٿئي. باڊي اسپري يا پرفيوم جي بدران صندل جي ڪاٺي کڻي ان کي پيهي پائوڊر بڻائي مڪئي جو اٽو کڻي ان کي سنهو ڇاڻي ميدو بڻائي صندل ۽ مڪئي جو ميدو مڪس ڪري پائوڊر جي جاءِ تي استعمال ڪريو.

بغلن جو رنگ مرده خلين جي ڪري به ٿيندو آهي، ان لاءِ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ايڪسفوليشن ضروري آهي. ان لاءِ هڪ چمچو دارچيني ۾ اڌ ليمو نپوڙي بغلن کي 10 منٽن تائين لڳايو. ان کانپوءِ آڱريون پسائي بگلن کي مهٽيو ۽ بعد ۾ ڇنڊي ڇڏيو ۽ گرم پاڻي سان وهنجي ڇڏيو.

يا

ٻه چمچا پيٺل چانورن ۾ سرڪو وجھي بغلن ۾ 20 منٽن تائين ليپ ڪريو ۽ بعد ۾ ٿڌي پاڻي سان صاف ڪري ڇڏيو. اها ايڪسفوليٽر اڻ وڻدڙ ڌپ، جيوڙن ۽ مرده خلين کي ختم ڪندي.

رت جي گردش وڌائڻ لاءِ چهري ۽ جسم جي مالش ڪئي ويندي آهي، جنهن سان چمڙي نرم۽ رنگ صاف ٿيندو آهي. ساڳي طرح بغلن جي نازڪ چمڙي کي به موسچرائزر جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ وهنجڻ کانپوءِ يا غير ضروري وار صاف ڪرڻ کانپوءِ بغل کي چڱي طرح صاف ۽ خشڪ ڪريو ته جيئن آلاڻ نه رهي ۽ جيوڙا پيدا نه ٿين ۽ ٿورڙو زيتون، چنبيلي يا ڏونگھيءَ جو تيل ضرور لڳايو.

بينگ سوڊا به ايڪسفوليٽر سان گڏ بهترين ڊيوڊرنٽ يعني پرفيوم جو نعم البدل آهي. اهو پگھر جي ڌپ ختم ڪندو آهي، ان سان گڏ چمڙي صاف ڪري ٿو. بيڪنگ سوڊا کي پاڻي ۾ ملائي بغلن ۾ پنج منٽن تائين لڳايو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

وائيٽننگ ڪريم به بغلن جي صفائي لاءِ بهتر آهي، عورتون چهري جو رنگ صاف ڪرڻ لاءِ ڪريمون استعمال ڪن ٿيو پر انهن جي جاءِ تي بغلن کي صاف ڪرڻ لاءِ گھٽ پيسن وارو وائيٽننگ ماسڪ تيار ڪري سگھجي ٿو. ان لاءِ چار چمچا بيسڻ، هڪ چپٽي هيڊ، هڪ چمچو بيڪنگ سوڊا ۽ هڪ چمچو سڪو پائوڊر گڏائي بوتل ۾ وجھي رکو. وهنجڻ کان پهرين هڪ چمچو ڊرائي مڪچسر ۾ ليمي جا ڦڙا ملايو ۽ پاڻي سان ڳاري مڪسچر بغلن ۾ لڳايو ۽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ مساج ڪري صاف ڪريو ۽ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

بغلن جي ڪاري رنگ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ زعفران به استعمال ڪري سگھجي ٿو. رڳو هڪ چپٽي زعفران نيم گرم پاڻي ۾ پسائي بغلن ۾ رات جو لڳائي سمهي رهو ۽ صبح ۾ وهنجي ڇڏيو، ڪجھه ڀيرا لڳائڻ سان ئي تبديلي واضح  نظر ايندي.

بغلن جي ڪارپ واري مسئلي لاءِ آلو (ٻٽالا) به ڪم اچن ٿا. ان ۾ شامل ايسڊ ان لاءِ فائديمند آهي. ان لاءِ آسان طريقو آهي ته آلو ڪٽي ان جو ٽڪرو بغلن ۾ مهٽيو ۽ صبح جو اٿي صاف ڪري ڇڏيو.

 کيرو به پگھر ۽ ان جي ڌپ کي ختم ڪندو آهي. کيري جو پاڻي بغلن ۾ لڳائڻ سان ان جو ڪارو رنگ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ پگھر جي ڌپ کان به نجات ملي ويندي.

ڪينو/نارنگي جي کل هڪ ڪلو پاڻي ۾ وجھي ٻڙڪايو ۽ ان پاڻي کي وهنجڻ واري پاڻي ۾ شامل ڪريو. ان سان سٺي خوشبو به ايندي ۽ رنگ به صاف ٿيندو.

You might also like