”موبائيل ايپ جيڪا دم جي علامتن تي نظر رکندي“

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) ايپل موبائيل ڪمپني هاڻ هڪ اهڙي ايپلڪيشن متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪا انساني صحت جي حوالي سان آهي جنهن ذريعي دم جي بيماري جي علامتن تي نظر رکي سگهبي.

ايپل ٻارن جي ساهه کڻڻ واري عمل ۽ دم جي خطرن تي نظر رکڻ لاءِ هڪ ايپليڪيشن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪا والدين لاءِ تمام گهڻو لاڀائتي ثابت ٿيندي ۽ اها جلد متعارف ڪرائي ويندي.

اها ايپ انسان جي ساهه کڻڻ واري سينسر سان سلهاڙيل هوندي ۽ ٻارن ۾ ساهه کڻڻ دوران ٿيندڙ تبديلين تي به نظر رکندي.

ننڊ دوران ٻار جي ساهه ۾ تبديلي يا کنگهه ۽ نش اچڻ جي صورت ۾ اها ايپ ترت نوٽيفڪيشن ذريعي والدين کي خبردار ڪري ڇڏيندي.

ڊاڪٽر ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ايپليڪيشن دم جي بيماري تي ظابطو آڻڻ لاءِ  مددگار ثابت ٿيندي، هڪ سروي موجب روانو 10 ماڻهو دم جي بيماري سبب پنهنجي حياتي تان هٿ ڌوئي ويهندا آهن.

ان ايپ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته جيڪڏهن ٻار پنهنجي والدين کان پري به هوندا تڏهن به هو مٿن نظر رکي سگهندا.

گذريل ڪيئي ورهين کان ايپل ڪمپني صحت واري شعبي ۾ جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ماڻهن کي لاڀ ڏيڻ لاءِ تحقيق ڪري رهي آهي ۽ انساني صحت جي سار سنڀال ڪرڻ ۾ مارڪيٽ ۾ هڪ مضبوط جاءِ ٺاهڻ ۾ به ڪامياب رهي آهي.

You might also like