نواز شريف جي طبي بنيادن تي ٻيهر ضمانت جي درخواست داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن ي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ نيب چيئرمين، سپرنٽنڊنٽ جيل ڪوٽ لکپت جيل ۽ احتساب عدالت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽن ۾ ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته نواز شريف جي حياتي کي خطرو آهي، ڇڪتاڻ واري صورتحال نواز شريف جي حياتي لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي تنهن ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like