پاڪستان سميت عالمي درياهن ۾ اينٽي بايوٽڪ جي وڏي مقدار جو انڪشاف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاسڪتان سميت سموري دنيا جي ڪيترن ئي دريائن ۾ اينٽي بايوٽڪس جو وڏو مقدار موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان ڏس ۾ ڪيل هڪ  عالمي سروي موجب پاڪستان ، بنگلاديش، ڪينيا، گھانا، نائجيريا ۽ يورپ ۾ آسٽريا  اهي ملڪ آهن جتان جي درياهن ۾ اينٽي بايوٽڪس جي شرح وڌيڪ آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ته اهو مقدار 300 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

برطانيا جي يونيورسٽي آف يارڪ ڇهن کنڊن ۾ موجود 72 ملڪن جو ڀرپور جائزو ورتو آهي جنهن ۾عام استعمال ٿيندڙ 14 اينٽي بايوٽڪس جو درياهن جي پاڻي ۾ جائزو ورتو ويو جنهن مان خبر پئي ته 65 سيڪڙو جائن تي اينٽي بايوٽڪس موجود آهن. انهن ۾ بنگلاديش جي پاڻين ۾ 300 سيڪڙو تائين اينٽي بايوٽيڪس جو واڌو مقدار موجود مليو  ۽ اتي “ ميٽرونائيڊيزول” جو مقدار گھڻو هيو. اها دوا جلد ۽ وات جي انفيڪشن ۾ کاڌي ويندي آهي.

ٻئي پاسي 711 هنڌن مان 307 هنڌن تان پيشاب جي مرض ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ٻي اينٽي بايوٽڪ دوا ٽرائي ميٿو پرم جو به انڪشاف ٿيو آهي. 51 هنڌن تي “سپروفليڪساسن” مرڪب محفوظ ترين مقدار کان وڌيڪ نوٽ ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته آفريقا ۽ ايشيا جي درياهن جو حال برو آهي. اينٽي بايوٽيڪس گٽرن جي پاڻي جي پائيپن ذريعي دياهن ۾ گڏجي رهيا آهن ۽ درياهن جي پاڻي کي تباهه ڪري رهيا آهن. يورڪ يونيورسٽي جي ماحوليات واري شعبي جي پروفيسر ۽ ان رپورٽ تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ايليسٽيئر بوڪسيل جو چوڻ آهي ته تحقيق اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي جيڪا سموري دنيا جي اهم درياهن ۾ اينٽي بايوٽيڪ جي آلودگي کي ظاهر ڪري رهي آهي.

درياهه جو پاڻي پيئڻ سان اينٽي بايوٽيڪس دوائن سان مزاحمت وڌي رهي آهي ۽ اهو ايترو وڏو چيلينج آهي جو ان لاءِ درياهن جي انتظامي ڍانچن تي وڏي رقم خرچ ڪرڻي پوندي ۽ سخت قانون لاڳو ڪرڻا پوندا.