پوليو ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو، هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، صوبي ڪي پي جي ضلعي شانگلا مان پوليو وائرس جو وڌيڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. شانگلا ضلعي جي ٻن سالن جي نينگر ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. پوليو جو شڪار ٻن ورهين جي نينگر جو تعلق تعلقي پورن جي يوسي نصرت خيل سان آهي.  ذريعن موجب پوليو ٽيسٽ لاءِ متاثر نينگر جا نمونا 30 مئي تي موڪليا ويا. هلندڙ سال هن وقت تائين 23 پوليو جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، سڀ کان وڌيڪ پوليس ڪيس ڪي پي ۾ رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن جو تعداد 10 هو، ست ڪيس قبائلي علائقن ۾ ۽ 3، 3 پنجاب ۽ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. پوليو ۾ اضافي کي ڏسندي پوليو ويڪسي نيشنل جي عمر جي حد ۾ اضافي جو فيصلو به ڪيو ويو جنهن کانپوءِ راولپندي ۽ پشاور ۾ 10 سالن تائين جي عمر جي ٻارڙن کي به پوليو ويڪسينيشن ڪئي ويندي.