ڪراچي ۾ شديد گرمي، 17 جون تائين هيٽ ويو جهڙي صورتحال رهندي: موسميات کاتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي شهر ۾ 16 کان 17 جون تائين هيٽ ويو جهڙي صورتحال رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ شديد گرمي ۽ اُٻ آهي، شهر جو گرمي پد 34 ڊگري آهي ۽ گرمي پد جي شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ لڳي رهي آهي، هوا ۾ گهم جو تناسب 60 سيڪڙو آهي جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان هوائون 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.

موسميات کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته شهر ۾ 16 ۽ 17 جون تائين هيٽ ويو جهڙي صورتحال رهندي، گرمي پد 42 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو ۽ گرمي جي شدت 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته سامونڊي هوائون بند هئڻ سبب اُٻ وارو ماحول رهندو.

You might also like