براڊ پٽ سان طلاق کان پوءِ تباهه ٿي وئي هيس: اينجلينا جولي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪار براڊ پٽ ۽ اينجلينا جولي جي جوڙي ان حد تائين ڪامياب مڃي ويندي هئي جو مداحن سندس جوڙي کي “برينجلينا” جو نالو ڏئي ڇڏيو هو.

اينجلينا ۽ براڊ جو افيئر 2005ع ۾ شروع ٿيو، ان دوران ٻئي فلم “مسٽر اينڊ مسز“ جي شوٽنگ ڪري رهيا هئا، ان وقت براڊ پٽ شادي شدا به هيو، براڊ جي گھرواري هالي ووڊ اداڪارا جنيفر انسٽن هئي.

اينجلينا جولي تي انهيءَ سال اهو به الزام لڳايو ويو هو ته هن جي ڪري براڊ پٽ ۽ جنيفر انسٽن جي شادي شدا زندگي خراب ٿي، جيتوڻيڪ اينجلينا اهڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو هو.

پر  ٻئي سال ئي اينجلينا اعلان ڪيو هو ته هن جي ۽ براڊ پٽ وچ ۾ لاڳاپا آهن ۽ هوءَ جلد ماءُ بڻجڻ واري آهي.

2012ع ۾ ٻنهي مڱڻي ڪئي جڏهن ته 2014ع ۾ هنن جي شادي ٿي، سندن 6 ٻار به آهن.

پر 2016ع ۾ ٻئي ڌار ٿي ويا جڏهن ته 2017ع ۾ طلاق سان سندس 12 ورهين جا لاڳاپا ختم ٿي ويا ۽ اينجلينا جولي جا براڊ پٽ تي منشيات استعمال ۽ ٻارن تي تشدد جا الزام به لڳايا هئا.

هنن جي طلاق بابت ڪيتريون ئي خبرون ميڊيا تي سامهون آيون پر ٻنهي اداڪارن ان حوالي سان کلي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو هو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊي نيرو تي جنسي هراساني جو الزام

اينجلينا جولي هن وقت پنهنجي فلم “ميليفيسنٽ 2” جي مشهوري ۾ مصروف آهي ۽ انهيءَ حوالي سان ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا براڊ سان پنهنجي طلاق بابت ڳالهايو.

اينجلينا جولي جو ان حوالي سان چوڻ هو ته براڊ پٽ سان ٿيل بريڪ اپ منهنجي شخصيت کي بالڪل تبديل ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته آئون قسمت بابت ناهيان ڄاڻيندي، پر ايترو ضرور چئي سگھان ٿي ته آئون هاڻ واپس پاڻ کي حاصل ڪري رهي آهيان، ڇو جو آئون وڄائجي وئي هيس، ان طلاق مون کي وکيري ڇڏيو آهي.

اينجلينا جولي موجب منهنجو رشتو براڊ سان ختم ٿي چڪو هو، جڏهن اسان ڌار ٿي وياسين ته آئون پاڻ کي سڃاڻي ئي پئي سگھان، آئون گھٽي مايوس ٿي چڪي هيس، پر آئون ان تجربي مان گھڻو ڪجهه سکيو.

جيتوڻيڪ اداڪارا اهو به چيو ته سندس جي پريشاني جو سبب رڳو براڊ پٽ سان طلاق نه هو پر صحت خراب هجڻ به هو .

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 12 جو پهريون  پرومو جاري

ڪجهه ڏينهن اڳ براڊ به نيويارڪ ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو هو ته اينجلينا سان طلاق کان پوءِ آئون منشيات جي عادت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.