مهلت ختم،بي نامي اثاثن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع، چوڌري تنوير جي ملڪيت منجمد

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) بي نامي اثاثا ظاهر ڪرڻ جي مهلت  ختم ٿي وئي، بي نامي ملڪيتن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي سرڪار طرفان اعلان ڪيل ايمنسٽي اسڪيم ۾ ٽي جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن جو مدو گذريل رات ختم ٿي ويو. ايف بي آر طرفان رات 12 وڳي کانپوءِ بي نامي ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.  ايف بي آر اثاثا ظاهر ڪرڻ جو فارم ويب پورٽل تي اپ لوڊ ڪيو آهي شهري ويب پورٽل جو فارم ڀري آن لائن پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا. مقامي اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊڪلريشن فارم ۾ اثاثن جا الڳ الڳ تفصيل ڏيڻا پوندا، اثاثن تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۽ ان تي لاڳو ٽيڪس بقايا جي رقم جا تفصيل ڏيڻا پوندا.  فارم ۾ هر ڪيٽيگري جا اثاثا، ٽيڪس جي شرح ۽ بقايا ٽيڪس جي رقم جا الڳ الڳ ڪالم بڻايا ويا  آهن. ڊڪلريشن فارم ۾ اوپن پلاٽ، زمين، سپر اسٽرڪچر ۽ اپارٽمينٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏيڍ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي. اسڪيم تحت چار ٽيڪس جي ادائيگي تي بي نامي گاڏيون به ظاهر ڪري سگهبيون، پاڪستاني ڪرنسي ۾ کليل بي نامي اڪائونٽس ۾ موجود دولت تي 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، فارن ڪرنسي بي نامي اڪائونٽ ۾ دولت ظاهر ڪرڻ لاءِ به چار سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، جڏهن ته اثاثن جي ويليو ايف بي آر جي مقرر ويليو کان 150 سيڪڙو تائين مقرر هوندي. ٻئي طرف ايف بي آر بي نامي ملڪيتن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر مسلم ليگ ن اڳواڻ چوڌري تنوير جي 6 ڪنال ايراضي منجمد ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر موجب چوڌري تنوير جي ملڪيت سندس ملازمن جي نالي هئي جيڪا منجمد ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايف بي آر اها ملڪيت ضبط به ڪري سگهي، هوڏانهن ايف بي آَر ذريعن مطابق بي نامي جائيدادون رکندڙن جي ڊيٽا ايف بي آر انٽليجنس جي مدد سان گڏ ڪئي وئي، ٽيڪس ڊيفالٽرن جي نشاندهي بئنڪ اڪائونٽن ۽ انهن جي ٻاهرين ملڪ سفر سان ڪئي وئي، ايف بي آر ٽيڪس ڊيفالٽرن ۽ بي نامي جائيدادن تي ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ، اڄ رات ۽ سڀاڻي تائين 50 وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي گرفتاري جا امڪان آهن هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هاڻي ملڪ ۾ ڪو به بي نامي دار نه رهندو، اڄ ن ليگ جي سينيٽر چوڌري تنوير جي 6 هزار ايڪڙ بي نامي زمين ضبط ٿي وئي، ڪراچي ۾ آصف زرداري جي اربين رپين جي جائيدادن کي به ضبط ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان هڪ لک 10 هزار ماڻهو فائدو وٺي چڪا آهن، وڌيڪ 25 هزار پائيپ لائن ۾ آهن، اسڪيم مان فائدو کڻندڙن جو اگ هڪ لک 50 هزار کان وڌي ويندو، ٻئي پاسي ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان 70 ارب رپين جو روينيو حاصل ٿي چڪو آهي، گذريل سال اسڪيم مان 84 هزار ماڻهن فائدو ورتو هو، گذريل سال انهيءَ اسڪيم تحت 124 ارب 50 ڪروڙن رپين جو روينيو گڏ ٿيو هو، ايف بي آر کي ڪراچي ۾ به 8 بي نامي پراپرٽيون ضبط ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي، انهن جائيدادن ۾ 2 پلاٽ به شامل آهن، سيراڪوم اسٽاڪ اينڊ ڪيپيٽل ڪمپني جي سمٽ بئنڪ ۾ 3 ڪروڙ ترجيحي شيئرز به بي نامي اثاثن ۾ شامل آهن، رائزنگ اسٽار هولڊنگ جا ٺٽو سيمينٽ ڪمپني ۾ 70 لک 53 شيئرز به بي نامي قرار ڏنا ويا

You might also like