گدامڙي مرچ مٽن مصالحو

شيون:

ٻڪر جو گوشت 1 ڪلو

ساوا ڦوٽا 3 عدد

بصر (پيسٽ)1 ڪوپ

ڪوڪونٽ ملڪ 2/1 ڪوپ

مٽن يخني 200 ملي ليٽر

ثابت ڌاڻا(پائوڊر) 1 چانهن جو چمچو

ڳاڙا مرچ پائوڊر

ڪارا مرچ

دارچيني پائوڊر

ڳاڙها مرچ

ننڍن ڦوٽن جو پائوڊر اڌ اڌ چانهن جو چمچو

ادرڪ ۽ ٿوم جو  پيسٽ 2 کاڌي جا چمچا

گدامڙي جو گودو 3 کاڌي جا چمچا

لوڻ ذائقي مطابق

ساوا ڌاڻا ضرورت مطابق

ترڪيب: هڪ ڪوپ ۾ گوشت وجهي ان ۾ ڳاڙا مرچ، ڪارا مارچ، ننڍا ڦوٽا، دارچيني پائوڊر، پيٺل ڌاڻا ۽ گدامڙي جو گودو ملائي مڪس ڪريو ۽ 2 کان 4 ڪلاڪن تائين رکي ڇڏيو. هاڻي هڪ ٿانوَ ۾ تيل وجهي ڪري گرم ڪريو ۽ ٿوم ادرڪ جو پيسٽ ۽ بصر وجهي ڪري گولڊن برائون ڪريو.  پوءِ  ان ۾ گوشت وجهي ڪري مصالحو شامل ڪري ٽي کان چار منٽن تائين ڀُڃي وٺو. هاڻي يخني شامل ڪريو ۽ تيز باھ تي پچايو ۽ گوشت ڳاري وٺو پوءِ ڪوڪونٽ ملڪ ۽ ننڍن ڦوٽن جو پائوڊر وجهي پچايو. جڏهن پاڻي خشڪ ٿي وڃي ۽ تيل مٿي اچي وڃي ته ساوا ڌاڻا وجهي ڪجهه منٽ پچايو ۽ تيار ٿيڻ تي ڊش ڪڍي وٺو مزيداري گدامڙي مرچ مٽن مصالحو تيار آهي.

You might also like