عالمي ميڊيا به ڪشمير مسئلي تي ميدان ۾….!

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف احتجاج کي پهرين صفحي تي جاءِ ڏئي ڇڏي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو ڪرفيو ٽوڙي جمعي جي نماز کان پوءِ سري نگ جي علائقي سعورا ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ قابض ڀارتي حڪومت جي خلاف سخت احتجاج ڪيو.

ان دوران قابض فوج ايواپل تي مظاهرو ڪندڙن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ گوليون فائر ڪيون جنهن سان ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته سعورا ۾ ٿيل احتجاج ۾ 10 هزار ماڻهن جي لڳ ڀڳ ماڻهو شريڪ ٿيا جيڪو ڪرفيو دوران هن وقت تائين  جو سڀ کان وڏو احتجاج آهي.

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ والاريل وادي ۾ احتجاج جي نئين لهر تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ کان پوءِ سڄي وادي ۾ احتجاج مظاهرا ٿيا آهن ۽ اِهو ڪشميرين کي ڀت سان لڳائڻ جو نتيجو آهي.

آمريڪي اخبار سري نگر ۾ عورتن جي احتجاج جي تصويرون کي به پهرين صفحي تي جاءِ ڏني.

You might also like