پٽاٽي جا سموسا

شيون:

ميدو: 2 پيالا

پاڻي: 1 ڪوپ

لوڻ: ذائقي موجب

ديسي گيهه: اڌ پيالي

پٽاٽا: اڌ ڪلو

لوڻ: 25 گرام

پيٺل ڳاڙها مرچ: 50 گرام

زيرو: 25 گرام

ثابت ڌاڻا: 25 گرام

ديسي گيهه (تَرڻ جي لاءِ): هڪ ڪلو

طريقو:

ٿال ۾ ميدو لوڻ ۽ ديسي گيهه ملائي پاڻي سان ڳوهي 15 منٽن لاءِ ائين ئي ڇڏي ڏيو، پوءِ پٽاٽن جي ڇلڪن کي لاهي ڇڏيو، ان کان پوءِ پٽاٽي کي سموسي جي لاءِ گهربل سائز ۾ ڪٽي ڇڏيو، ديڳڙي ۾ ديسي گيهه گرم ڪيو ۽ پٽاٽن کي فرائي ڪيو، فرائي ڪيل پٽاٽن ۾ لوڻ ڳاڙها مرچ ۽ زيرو گڏايو. ڳوهيل اٽي جون سنهڙيون سنهڙيون مانيون ٺاهيو، مانين کي پٽاٽي جي سموسي جي صورت ڏيڻ لاءِ ماني جي هڪ ڪناري کي A جي صورت ۾ موڙيو، پوءِ  ٻئي حصي کي ساڳي انداز ۾ ان جي مٿان رک ۽ ان جي اندر مصالحو ڀريو ۽ مان جي باقي حصي کي ٽيون ڀيرو اهڙي طرح ويڙهي سموسو ٺاهيو. هٿ آلا ڪري سموسي جي ڪناري کي دٻايو جيئن مصالحو ٻاهر نه نڪري. پوءِ ڪڙهائي ۾ ديسي گيهه گرم ڪيو ۽ سموسا گولڊن فرائي ڪيو. مزيدار سموسا حاضر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.