عوام بي نامي اثاثا 30 جون تائين ظاهر ڪري وري موقعو نه ملندو: وزيراعظم جو پيغام

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته عوام بي نامي اثاثا ۽ اڪائونٽ 30 جون تائين جاري ڪري وري موقعو نه ملندو.

وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي جاري ڪيل 2 منٽ 20 سيڪنڊن جي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستاني سڀ کان گهٽ ٽئڪس ۽ سڀ کان وڌيڪ خيرات ڏيندا آهن، ملڪ کي مٿي کڻڻ لاءِ سڀني کي ٽئڪس ڏيڻ گهرجي، ٽئڪس نه ڏيندئو  ته پوءِ اسان مٿي نه وينداسين.

هن چيو ته اسان ساليانو چار هزار ارب رپين جو ٽئڪس گڏ ڪندا آهيون، ٽئڪس جو اڌ قرضن جي قسطن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، باقي پئسن مان ملڪ جا خرچ پورا نٿا ٿي سگهن، قوم ۾ جذبو هجي ته ساليانو 10 هزار ارب ٽئڪس گڏ ڪري سگهون ٿا.

وزيراعظم چيو ته اسان وٽ اها معلومات آهي جيڪا ڪنهن به حڪومت وٽ نه هئي، اثاثا ڊڪليئر ڪرڻ واري اسڪيم ۾ حصو شرڪت ڪريو، 30 جون تائين پنهنجا اثاثا ۽ بي نامي اڪائونٽ ڊڪليئر ڪريو، بي نامي اثاثا ۽ اڪائونٽ ڊڪليئر ڪرڻ جو موقعو وري نه ملندو، اسڪيم مان فائدو کڻو ۽ پنهنجن ٻارن جو مستقبل سنواريو،  ٽئڪس ڏئي اسان کي موقعو ڏيو ته قوم کي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهون.

گذريل ڏهن سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 مان 30 هزار رپين تائين پهچي چڪو آهي، ماضي ۾ حڪمرانن جيڪي قرض ورتا انهن جون قسطون ادا ڪري رهيا آهيون.

You might also like