ايڊز ڪنٽرول کان ٻاهر، حڪومت لاءِ سنڀالڻ مسئلو بڻجي ويو…!

گل بهار علي

اڄ اسان ڳالهه ڪنداسين ته ايڊز ڇا آهي، ايڊز جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي ۽ ايڊز ڪئين ٿيندي آهي.؟ ايڊز هڪ وائرس آهي، جنهن کي ايڇ آءِ وي به چيو ويندو آهي،ان حوالي سان صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڊز وائرس جي شروعات 20هين صدي ۾ اتر آفريڪا کان ٿي ۽ اڄ هي وائرس پوري دنيا ۾ پکڙجي چڪي آهي ۽ هڪ اندازي مطابق هن وقت 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ پوري دنيا ۾ ماڻهو هن وائرس جو شڪار آهن ۽ ايڊز جون نشانيون عام طرح جون ئي آهن، جيئن ته بخار، سردي جو ٿيڻ، ننڊ دوران پگهر اچڻ ۽ ساهه ۾ تنگي ٿيڻ  وغيره آهن. هاڻ ڳالهه ڪنداسين ته ايڊز جسم ۾ ڪيئن داخل ٿيندي آهي، ؟ ايڊز مرد ۽ عورت جي ملڻ، هڪ ئي سرنج مختلف مريضن کي هڻڻ، نڪ سڀرائڻ دوران هڪ ئي اوزار مختلف عورتن تي استعمال ڪرڻ وغيره سان وائرس جسم ۾ داخل ٿيندي آهي.

 

 

اخباري رپورٽن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي شهر رتي ديري ۾ هڪ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ ڊاڪٽر مظفر گهانگهري تي اهي الزام لڳل آهن ته ڊاڪٽر مظفر هڪ ئي سرنج مختلف مريضن تي استعمال ڪيو جنهن سبب ايڊز ڦهلجي ويو آهي ۽ الزامن بعد معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي به جوڙي وئي هئي، هاڻ تازو 9 مئي تي گرفتار ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي رتي ديري پوليس ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج ظفر الله جکراڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو هو ۽ عدالت ڊاڪٽر کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ پوليس ڊاڪٽر کي چانڊڪا اسپتال ۾ ٻيهر ايڊز ايڇ آءِ وي جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ وٺي آيا هئا پر ڊيوٽي وقت پورو ٿيڻ ڪري عملو موجو نه هو، جنهن ڪري ڊاڪٽر جي ٽيسٽ نه ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مظفر پاڻ مطالبو ڪيو هو ته هن جي ٻيهر بلڊ اسڪريننگ جج جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي.

هاڻ اسان ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ ۾  ڏينهون ڏينهن ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي تيزي سان وڌي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري ميڊيا کان انگ اکر لڪائڻ جون ڳالهيون به سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن ته اصل انگ اکر ايڊز ڪنٽرول پروگرام وارا لڪائي رهيا آهن ۽ گهٽ انگ اکر ميڊيا کي ٻڌائي رهيا آهن ته جيئن حڪومت تي وڌيڪ دٻاءُ نه پوي، مختلف شهرن ۾ ايڊز جي ٽيسٽن لاءِ ڪائونٽر ته قائم ڪيا ويا آهن پر ڇا عوام کي سهولتون به ڏنيون ويون آهن ته اهي ته جيئن انهن کي ڪا تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوي..؟

هن وقت ايڊز ڪنٽرول پروگرام سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن تي به اصل انگ اکر لڪائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، روزاني اسڪريننگ بعد ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيندا پيا وڃن، هڪ اندازي موجب، هينئر تائين 10 کان وڌيڪ ماڻهون هن موذي مرض ۾ فوت ٿي چڪا آهن ۽ صرف لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 400 کان وڌيڪ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  پر حڪومتي ٽيمون دٻاءُ سبب انگ اکر ظاهر نه ٿيون ڪن، رتي ديري ۾ گذريل ڪافي ڏينھن کان لڳل رت جي چڪاس واري ڪئمپ تي هزارين ماڻھن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪيترائي  ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جا مريض ظاھر ٿيا آهن. جن ۾ 80 سيڪڙو ٻارڙا به شامل آھن اڪثر ڪري ٻارڙن جي عمر 3 مھينن کان 4 ۽ 5 سالن تائين جي آھي. جڏھن ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا موذي مرض ۾ فوت به ٿي چڪا آھن.

ڳالهه ڪجي اسڪريننگ ڪئمپن جي ته اڪثر ڪري عورتاڻي بيمارين جون ماهر ڊاڪٽرياڻيون به موجود نه هونديون آهن جنهن سبب ڪيتريون عورتون چڪاس کان به رهجي وڃن ٿيون. جڏهن ته ايڊز وائرس بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ شروع ٿيون آهن تڏهن کان حڪومت لاءِ انتظام سنڀالڻ به هڪ مسئلو بڻجي ويو آهي. ڳالهه ڪجي لاڙڪاڻي وارن جي ته اڪثر ڪري لاڙڪاڻي وارا ماڻهون ان خوف ۾ ورتل آهن ته ڪٿي انهن کي به ايڊز وائرس نه هجي، جنهن سبب اڪثر ماڻهون چڪاس لاءِ ڪئمپن تي اچي رهيا آهن ۽ رش هاڻ هزارن جي تعداد ۾ وڃي پهتي آهي.