جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ختم ٿي چڪو آهي: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي. مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ تي رد عمل ۾ چيو ته سچائي ثابت ٿيڻ تي اسان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وڊيو ۽ ان سان جڙيل سموريون حقيقتون سچ ثابت ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي جيل ۾ هڪ منٽ به رکڻ هاڻي غير قانوني آهي تنهن ڪري جج کي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته نواز شريف خلاف دٻاءَ تحت فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته جج هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪندي نواز شريف کي فور طور آزاد ڪيو وڃي.