عادلپور ۾ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل همراهه فوت

عادلپور (ويب ڊيسڪ) عادلپور ۾  اسٽاپ وٽان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل همراهه فوت ٿي ويو.

عادلپور جي ٻيراڻي اسٽاپ وٽ مقامي رهواسين اڻڄاتل ماڻهو کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو.

جنهن کان پوءِ پوليس بيهوش ٿيل همراهه کي اسپتال منتقل ڪرايو پر همراهه رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.

ايس ايڇ او عادلپور عبدالمجيد آرائين ٻڌايو ته فوتي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته کين شڪ آهي ته ڪنهن گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب همراهه بيهوش ٿيو هو…

You might also like