مهوش حيات جي بولڊ پرفارمنس تي مداح آپي کان ٻاهر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تمغه امتياز حاصل ڪرڻ کانپوءِ لاڳيتو تنقيد کي منهن ڏيندڙ اداڪارا مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن کي پاڻ تي تنقيد جو موقعو ڏئي ڇڏيو، مهوش حيات اڄڪلهه تازي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ پنهنجي لباس سبب تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي.

اداڪارا ايوارڊ تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ کان اڳ ريهرسل جي هڪ ويڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڊانس دوران ان جا ڪجهه بولڊ اسٽيپ ڏٺا ويا.

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مهوش حيات اداڪار احسن خان سان گڏ ڊانس ريهرسل ڪري رهي آهي، جنهن بابت اداڪارا لکيو ته هوءَ احسن خان سان گڏ 5 ورهين کانپوءِ پرفارم ڪندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مهوش حيات تنقيد ڪندڙن کي وري موقعو ڏئي ڇڏيو

ريهرسل دوران مهوش حيات جو لباس ۽ بولڊ اسٽيپ مداحن کي پسند نه آيا، اهو ئي سبب آهي جو انهن هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪارا تي تنقيد جا تيز وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

بنت حوا نالي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار مهوش حيات تي تنقيد ڪندي لکيو ته اهو ٽرينڊ ٺيڪ ناهي، توهان ڀلي ڪهڙو به لباس پهريو پر ان کي اسڪرين تي عام نه ڪيو.

روما نالي مداح لکيو ته ان کان وڌيڪ بيهودا ڪجهه ٿي نٿو سگهي، ڇا توهان اهڙي ريت پاڪستان جي ثقافت کي پکيڙي رهيون آهيو؟ بالي ووڊ جي نقل ڪرڻ ڇو ضروري هوندي آهي؟ توهان پنهنجو ڪو رنگ نٿا ڏيکاري سگهو؟

مديحا اڪرام نالي سوشل ميڊيا واهپيدار به اداڪارا تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ته ستارا امتياز هي گهمي رهيو آهي.

مداحن نه رڳو مهوش حيات پر اداڪار احسن خان تي به تنقيد ڪئي.

ڪجهه واهپيدارن چيو ته احسن خان رمضان جي پروگرامن ۾ ميزباني ڪندو آهي ۽ پوءِ اهڙي پرفارمنس به ڏيندو آهي، ڪنهن هڪ شئي جي چونڊ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.