اچار گوشت

شيون:

گوشت: 2/1 ڪل

ڏهي: 1 ڪو

لوڻ: ڏيڍ ننڍا چمچا

مرچ: ڏيڍ ننڍا چمچا

پيٺل ادرڪ: 1 وڏو چمچو

پيٺل ٿوم: 1 وڏو چمچو

بصر: 2 عدد

سُڪا ڌاڻا: 1 ننڍو چمچو

اڇو زيرو: 1 ننڍو چمچو

سونف: 1 ننڍو چمچو

ڪلونجي: 1 ننڍو چمچو

طريقو:

سڀ کان پهرين بصرن کي تيل ۾ وجهي هلڪو برائون ڪيو. پوءِ وجهي ڀُڃي وٺو، پوءِ ادرڪ ۽ ٿوم وجهي ڀڄو ۽ پاڻي وجهي ڳاريو ۽ پاڻي خشڪ ڪري وٺو.

ڏهي ڦيٽي وجهو ۽ لوڻ، مرچ، سُڪا ڌاڻا، زيرو، سونف ۽ ڪلونجي وجهي پچايو، ان کان پوءِ جڏهن پاڻي سُڪي وڃي ته لاهي ڇڏيو. پوءِ ساوا مرچ وجهي ڍڪي ڇڏيو.

2 منٽ ڇڏي پليٽ ۾ ڪڍو…. عمده اچار گوشت حاضر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.