ڪَڇُن جي ٻچن جو وڏو انگ پلاسٽڪ سبب مرڻ لڳو

برسبين (ويب ڊيسڪ) سمنڊن ۾ اڇلي ويندڙ پلاسٽڪ هر قسم جي پالتو مڇين کان وٺي وهيل تائين سڀني جانورن کي  تباهه ڪري رهي آهي ۽ هاڻي هڪ مطالعي مان خبر پئي آهي ته آسٽريليا جي سمنڊن مان جيترا به ڪڇن جا ٻچا مليا آهن انهن جو اڌ انگ پلاسٽڪ سبب مري ويو آهي ۽ انهن جي پيٽ ۾ پلاسٽڪ جو گند پڻ ڀريل هو.

ان کان اڳ سائنسدان چيو هو ته پلانڪٽن کان وٺي وهيل تائين سموري سامونڊي جيوت پلاسٽڪ جو شڪار آهي ۽ هر سال عالمي سمندن ۾ هڪ ڪروڙ ٽن پلاسٽڪ اڇلائي وڃي ٿي.

ان کان اڳ ڪيترين ئي مئل وهيلن جي پيٽ مان به  12 ڪلوگرام تائين پلاسٽڪ هٿ آئي هئي ۽ هاڻي ڪڇن جا ننڍا ٻچا  ان جو شڪار ٿي رهيا آهن.

ٻئي پاسي سامونڊي ڪوڙا ۽ مڇين لاءِ وڇايل ڄار به ڄاڻال جيوت کي تباهه ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي ريت سمنڊن کي صاف رکندڙ ڪڇون تيزي سان مري رهيا آهن. ڪجهه قسمن جي پلاسٽڪ جانورن جي معدي کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ئي ٻاهر نڪري ويندي آهي پر ان جو وڏو مقدار آنڊن ۽ معدي ۾ گڏ ٿي ويندو آهي جنهن سبب اهي جانور مري ويندا آهن.

ڪامن ويلٿ سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ آرگنائيزيشن (سي ايس آءِ ار او) آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر بريٽاڊينس ۽ سندس ساٿين لڳ ڀڳ 1000 مئل ڪڇن جو جائزو ورتو آهي هنن موجب ڪڇون جيترا ننڍا هوندا پلاسٽڪ سبب انهن جي مرڻ جا امڪان اوترا ئي گھڻا هوندا.

ماهرن ڏٺو ته انڊي کان ٻاهر ايندي ئي ڪڇون جا ننڍا ٻڇا ان مان متاثر ٿين ٿا.

ماهرن اندازو لڳايو آهي ته جيڪڏهن ڪڇُن جا ٻڇا رڳو پلاسٽڪ جا  14 ذرڙا ڳهي وڃي ته اهي ذرڙا هن جي موت جي امڪان کي 50 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو سامونڊي ڪڇون تيزي سان ان جو شڪار ٿي مري رهيا آهن.