عدالت آڏو چينين جي هڪ نه هلي….! درخواستون خارج

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت پاڪستاني ڇوڪرين سان ڪوڙيون شاديون ڪرڻ جي الزام ۾ فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي ( ايف آءِ اي) جي هٿان گرفتار چيني شهرين جون ضمانت واريون درخواستون ردڪندي انهن کي خارج ڪري ڇڏيو.

جوڊيشل مجسٽريٽ عامر رضا چين شهرين جون ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو ٻڌايو.

اهي درخواستون جوابدارن ليوٿيانگ، سوانگ گواچا، ليولي بل، رانگ گو، فنگ شنگ گو، ليو چوانگ، ليو ٿيانگ لي، جو جانگ زن، چانگ گانگ ۽ سنگ هونگ داخل ڪيون هيون، ان سان گڏوگڏ چيني شهرين جي مقامي سهولتڪارن محمد انصر ۽ شوڪت علي به سليم احمد خان ايڊووڪيٽ جي ذريعي ضمانت جو درخواستون داخل ڪيون هيون.

جوابدارن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدارن کي ڪوڙي ڪيس ۾ بي بنياد نامزد ڪري گرفتار ڪيو ويو ۽ الزام هنيو ويو هو ته ايف آءِ اي پاڻ ئي هڪ ڪوڙي ڪهاڻي تيار ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته درخواستگذار پاڪستان ۾ بزنس جي لاءِ آيا هئا پر انهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته جوابدارن جي خلاف ڪو به ثبوت موجود ناهي، ۽ عدالت کان اپيل ڪئي وئي هئي ته چيني شهرين جي ضمانت تي آزادي واريون درخواستون منظور ڪيون وڃن.

ٻئي پاسي ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پاڪستاني ڇوڪرين سان ڌوکي سان شاديون ڪندا هئا ۽ جوابدار پاڪستاني ڇوڪرين سان ڪوڙيون شاديون ڪري انهن جو جنسي استحصال ڪيو.

هن عدالت مان جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.

عدالت پاڪستاني ڇوڪرين سان ڪوڙيون شاديون ڪرڻ جي الزام گرفتار چيني شهرين جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪندي انهن کي خارج ڪري ڇڏيو.

ان کان سواءِ چيني شهرين سان شادي ڪندڙ مسلمان ۽ مسيحي ڇوڪرين تحفظ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

صائمه تبسم ۽ شبانه عاشق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزارت، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته صائمه تبسم لي يانگ چينگ سان 25 جنوري تي نڪاح ڪيو جڏهن ته شبانه عاشق زو شو فينگ سان ڪرسچن قانون جي تحت 18 جنوري تي شادي ڪئي.

ان ۾ ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي 7 مئي تي چين ويندڙ جهاز مان چيني شهرين سان گڏ آف لوڊ ڪيو، ايف آءِ اي اختيارين ڪيترا ئي ڪلاڪ ايئرپورٽ تي غير قانوني حراست ۾ رکيو ۽ چيني شهرن سان گڏ وڃڻ کان روڪيو جڏهن ته چيني شهرين کي زبردستي زالن کان سواءِ چين موڪليو ويو.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اختيارين پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز قبضي ۾ وٺي رکي  آهن ۽ الزام لڳايو ويو ته پاڪ چين دوستي کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي پاڪستاني ڇوڪرين ۽ چيني شهرين جي شادين جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي.

درخواست گذار دعويٰ ڪئي ته عورتون پنهنجي چيني مڙسن سان گڏ خوش آهن ۽ چيني شهرين جي خلاف پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي جڏهن ته چيني شهرين سان چين نه وڃڻ ڏيڻ آئين جي آرٽيڪل 4 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like