سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿينديون يا نه؟ شرجيل ميمڻ واضح ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيندو يا نه؟ ان معاملي تي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ واضح موقف ڏئي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي چيو هو ته 15 جنوري تي ئي صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿيندو.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هاڻ مڪاني چونڊون نٿا روڪي سگهون ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون.

ڪراچي ۾ ملڪ جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هاڻ مڪاني چونڊون نٿي روڪي سگهي، پوليس ۽ رينجرز کي پولنگ اسٽيشن تي مقرر ڪيو ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪو آرڊيننس نه پيو آندو وڃي.

ان کان اڳ پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو هو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن بابت پنهنجو اختيار استعمال ڪيو، اسان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت ان فيصلي جو جائزو وٺي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.