زوم ميٽنگ ايپ تي انساني اوتارن کي شامل ڪري ڇڏيو

وڊيو ڪانفرسنگ پليٽ فارم زوم پنهنجي ميٽنگ ايپ ۾ انساني اوتارن کي شامل ڪري ڇڏيو.

ڪمپني موجب زوم استعمال ڪندڙ واهپيدارن پنهنجي اوتار کي پاڻمرادو تخليق ڪري سگهندا، واهپيدار اوتار جو هيئر اسٽائل ۽ چهري جو رنگ به پنهنجي پسند موجب رکي سگهندا.

فلحال اهو فيچر سڄي دنيا ۾ سمورن زوم واهيپدارن لاءِ بيٽا ۾ دستياب آهي. اوتار جي مدد سان واهپيدارن کي سندن زوم ميٽنگز کي وڌيڪ پراثر ۽ تفريح سان ڀرپور بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

واهپيدار پاڻ کي ورچوئلي اهڙي طرح ٺاهي سگهندا جيڪو اصل کان وڌيڪ مزو ڏيندو، اوتار توهان جي حرڪت ۽ چهري جي تاثر جي عڪس بندي به ڪندا جنهن سان توهان وڊيو تي ٿيڻ کانسواءِ به متحرڪ طور تي پيش ڪري سگهندا.

زوم جو چوڻ آهي ته هو وقت سان اوتار جي چهري، هيئر اسٽائل ۽ ٻين فيچرز ۾ واڌ ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.