وينٽي ليٽر جي آواز کان تنگ عورت آرام خاطر ساٿي مريض کي ماري ڇڏيو

 

جرمني جي هڪ اسپتال ۾ وينٽي ليٽر جي آواز کان تنگ هڪ عورت مريض پنهنجي آرام خاطر ساٿي مريض کي ماري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 73 ورهين جي ان عورت جي سڃاڻپ هوٽن سي جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي ڪمري ۾ 79 سالن جو مريض موجود هو، جنهن کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو.

وينٽي ليٽر جي آواز سبب هوٽن سي کي ننڊ نه اچي رهي هئي، جنهن کان تنگ ٿي هن رات جو وينٽي ليٽر بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 79 ورهين جو مريض فوت ٿي ويو.

عورت مريض کي پوليس گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، سندس پٽ جو چوڻ هو ته ماءُ کي وڌيڪ دوائون ڏنيون ويون، جن جي اثر سبب کانئس وينٽي ليٽر بند ڪرڻ جي حرڪت ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.