واٽس ايپ ميسينجر پاران واهپيدارن جي سولائي لاءِ هاڻي تصويرون، وڊيوز ۽ ڪنهن به قسم جي ميڊيا کي فارورڊ ڪرڻ سان گڏ نئون فيچر لائونچ ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ان فيچر سان واهپيدار ڪنهن به قسم جي ميڊيا معني تصويرون، وڊيوز، گرافڪس انٽرچينج فارميٽ ۽ ڊاڪيومينٽس کي فارورڊ ڪندي ”ڪيپشن“ به لکيو آهي.
ان کان اڳ اهو فيچر ويب ورزن جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کي هاڻي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ به پيش ڪيو ويو آهي.
ان فيچر کي پيش ڪرڻ کانپوءِ واهپيدار ڪنهن به قسم جو ميڊيا هڪ چيٽ کان ٻئي چيٽ موڪلڻ وقت ڪيپشن لکي سگهندا.
هي فيچر واهپيدار واٽس ايپ اپڊيٽ ڪرڻ سان حاصل ڪندا.