تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ جي امدادي رقم گڏ ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جمائما هلندڙ هفتي يونيسيف پاڪستان فلڊ رليف ۽ پاڪستان ٽرسٽ انوائرنمينٽ جي سهڪار سان ٿيل ڊنر تقريب ۾ شريڪ ٿي، جنهن ۾ جمائما جي ڀاءُ بين سميت فاطما ڀٽو ۽ لنڊن جو ميئر صادق خان به شريڪ ٿيو.
فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت جي حوالي سان جمائما ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ڏيڍ لک پائونڊ جي امدادي رقم گڏ ڪئي وئي.
Last night £150K + was pledged so far for Pakistan flood relief – short and long-term- via @unicef_uk & @PakEnvironment_ thanks to some v generous people. Thanks to @SadiqKhan @MayorofLondon @Benaresofficial for your support. https://t.co/8MP5SLqvFn
— Jemima Goldsmith (@Jemima_Khan) January 11, 2023
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لنڊن جي ميئر صادق خان جا به ٿورا مڃيا.
هوڏانهن صادق خان به جمائما سان گڏ تصوير شيئر ڪندي تقريب کي بهترين قرار ڏنو.