ڪنا ياري گاني سان شهرت ماڻيندڙ ڪيفي خليل جو مشهور گانو ”ڪهاني سنو“ يوٽيوب تي سڀ کان وڌيڪ مشهور ٿيڻ سبب 100 گلوبل گانن جي لسٽ ۾ 55 نمبر تي اچي ويو.
رپورٽ موجب ڪيفي خليل شروعاتي طور تي ”ڪهاني سنو“ کي جنوري 2021 ۾ ريليز ڪيو هو، جنهن کي گهڻو ساراهيو ويو.
ان کانپوءِ ڪيفي خليل ان گاني کي نئين انداز ۾ جون 2022 ۾ به ريليز ڪيو هو.
رپورٽ موجب ان گاني کي ٻين ڳائڻ به ڳايو ۽ شهرت حاصل ڪئي.
boht shukriya is Kahani ko Zubani karne k liye boht piyar or boht saari duae’n ap sub k liye 🧡 pic.twitter.com/Q2EMKAKoMI
— Kaifi Khalil (@kaifi_khalil) January 10, 2023
گذريل سال ڊسمبر ۾ ڳائڻي آئمي بيگ به ”ڪهاني سنو“ ڳايو هو، جنهن تي ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هن ڪيفي خليل جي زبردست گاني کي ئي ختم ڪري ڇڏيو.
”ڪهاني سنو“ کي تازو ”اي آر واءِ“ ڊجيٽل تي ”مجهي پيار هوا ٿا“ ۾ به پيش ڪيو ويو آهي.
هاڻي ڪيفي خليل پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۽ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ان جو گانو ”ڪهاني سنو“ يوٽيوب تي عالمي سطح تي شهرت يافتا 100 گانن جي لسٽ ۾ 55هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
هن گاني کي گلوبل ٽرينڊ ۾ جڳهه بڻائڻ کي ممڪن بڻائڻ تي مداحن ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.