عورتن جي تعليم تي پابندي، سخت ردعمل طالبان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته حڪومت عورتن جي تعليم تي لاڳو عارضي پابندي کڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

اسلامي سهڪار تنظيم سان ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽر بيان جاري ڪندي او آءِ سي ۾ ٿيندڙ ميٽنگ جي آجيان ڪئي.

هن چيو ته يقيني طور عالمي برادري کي افغانستان سان سهڪار جاري رکڻ گهرجي پر اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسلامي سهڪار تنظيم جي عورتن جي تعليم جي حوالي سان ڳڻتي سمجهه ۾ نٿي اچي پر اسان ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ عارضي پابندي کڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

افغان حڪومت جي ترجمان چيو ته اسان عالمي ادارن، خاص طور تي او آءِ سي سان ويجها لاڳاپا چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.