عاصم اظهر جو نئون گانو ”درد“ ريليز ٿي ويو

پاڪستان جي مشهور نوجوان ڳائڻي جو نئون گانو درد ريليز ٿي ويو آهي، گاني ۾ محبت، درد ۽ بريڪ اپ جو ذڪر آهي.

رپورٽ موجب نوجوانن جي مشهور ڳائڻي عاصم اظهر پنهنجي نئين گاني ”درد“ جي وڊيو کي پنهنجي يوٽيوب چينل تي ريليز ڪري ڇڏيو آهي. ان گاني جي وڊيو تي پاڪستاني اداڪارا درفشان سليم فيچر ڪيو آهي، درفشان پهريون ڀيرو ڪنهن گاني جي وڊيو ۾ آئي آهي. ان گاني جي تشهير لاءِ درفشان ۽ عاصم اظهر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي ڪئي آهي.

ان گاني جي ميوزڪ کي عاصم اظهر تشڪيل ڪيو آهي جڏهن ته ان جا ٻول ڪنال ورما لکيو آهي، گاني جي وڊيو کي ڊائريڪٽ ياسر جسوال ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.