ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن جو راڄ، گذريل رات پارو ڪيترو رهيو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل رات هلندڙ مهيني جي ٿڌي ترين رات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسمياتي تجزئي نگارن موجب گذريل رات کان ڪراچي ڪولڊ ويو جي وڪڙ ۾ آهي، جنهن سبب گذريل رات هلندڙ مهيني جي ٿڌي ترين رات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسمياتي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته سرجاڻي ٽائون ۾ گذريل رات پارو 6.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪلفٽن ۾ 13 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.

موسمياتي تجزئي نگارن موجب اڄ کان 16 جنوري دوران شهر ۾ ڪولد ويو جي شدت وڌيڪ رهندي، شهر جي اترئين حصي ۾ پارو 5 کان 3 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿو، وچ علائقن ۾ پارو 7 کان 9 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو، جڏهن ته ڏاکڻي علائقن ۾ 12 کان 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪِري سگهي ٿو.

موسمياتي تجزئي نگارن چيو آهي ته اڄ شام کان شهر ۾ گهلندڙ تيز هوائن جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.