ٻار وڏن کان وڌيڪ ذهين هوندا آهن! ڇو؟

اهو ته دنيا ۾ هر هنڌ سمجهيو ويندو آهي ته ٻولي سميت مختلف معاملن ۾ ٻارن جي سکڻ وارو عمل وڏي عمر جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي جيڪو حقيقت به آهي. پر ماهرن هاڻي ٻارن ۾ وڌيڪ سکڻ واري عمل جا سبب به ٻڌايا آهن

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دماغ ۾ گابا نالي ڪيميائي جُز وڌيڪ سکڻ واري عمل جو سبب هوندو آهي، ننڍي عمر ۾ لڳاتار مختلف تجربن مان گذرڻ جي باوجود اهو جُز ٻارن ۾ ڊگهي عرصي تائين جي حافظي ۽ سکڻ واري عمل کي محفوظ رکندو آهي.

جرمني جي نيورو سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گيما امائنوبيوٽرڪ ايسڊ يا گابا نالي ڪيميڪل ٻارن جي سکڻ واري عمل ۾ گهڻو سرگرم ٿي ويندو آهي ۽ وڏي پيماني تي ڄاڻ ۽ تجربن کي جذب ڪندو آهي.

ان حوالي سان ڪيل تحقيق ۾ سائنسدانن 8 کان 11 سالن جي ٻارن ۽ 18 کان 35 سالن جي سئو کان مٿي رضاڪارن جي دماغ جو جائزو ورتو، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته نوجوانن يا وڏن ماڻهن جي دماغ ۾ گابا جي سطح برابر رهي جڏهن ته ٻارن ۾ سکڻ ۽ پڙهڻ دوران نه رڳو ان ڪيميڪل جون سرگرميون وڌي ويون پر سکڻ جي عمل کانپوءِ گابا ڪيميڪل کي به وڌيل ڏٺو ويو. انکانپوءِ سائنسدانن رضاڪارن کان رويو جاچڻ لاءِ به ڪجهه مشقون ڪرايون جن کانپوءِ به ٻار سکڻ ۽ پڙهڻ واري عمل لاءِ به بنا ٿڪاوٽ جي ساڳئي ئي جذبي سان موجود رهيا.

ماهرن تحقيق کانپوءِ چيو ته گابا نالي ڪيميڪل جي سرگرمين جي ڪري ٻارن ۾ سکڻ جون صلاحيتون وڌيڪ هونديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.