مڇي ۽ کير گڏائي کائجن يا نه؟

سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي مڇيءَ جو استعمال وڌي ويندو آهي ان سان گڏ مختلف کاڌن جيان مڇي کائڻ کانپوءِ کير پيئڻ يا نه پيئڻ تي وڏو بحث هوندو آهي، عام طور تي ماڻهو مڇي کائڻ جي مٿان کير پيئڻ کي غلط عمل سمجهندا آهن، اهو هر هنڌ چيو ويندو آهي ته مڇي جي مٿان کير پيئڻ سان جسم تي اڇن داغن واري بيماري بَگ ٿي ويندي آهي.

پر سائنسي اصولن ۽ ثبوتن جي حوالي سان اهي ڳالهيون ڪيتري حد تائين حقيقت آهن يا نه، اڄ اسان ان بابت ٻڌائينداسين

صحت ۽ چمڙي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جسم تي اڇن داغن واري بيماري بگ جو مڇي ۽ کير گڏائي کائڻ سان ڪو به تعلق ناهي، نه رڳو ايترو پر اها بيماري ڪنهن به کاڌي پيتي جي ڪري ناهي ٿيندي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته بَگ هڪ آٽو اميون بيماري آهي جنهن ۾ انسان جو مدافعتي نظام جسم کي رنگ ڏيندڙ ميلونن نالي سيلز خلاف پاڻمرادو طور اينٽي باڊير ٺاهڻ شروع ڪندو آهي، جنهن جي ڪري انهن اينٽي باڊيز جي حملي ۾ ميلونن ختم ٿي وڃڻ سبب ان جا اثر جسم تي واضح طور نظر ايندا آهن جنهن کي اسان بَگ چوندا آهيون.

صحت جي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته مڇي ۽ کير گڏائي نه کائڻ هڪ بي بنياد ڳالهه کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، حقيقت ۾ سائنسي بنيادن تي اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيندو،

ائين ڪڏهن به ناهي ته مڇي ۽ کير گڏائي کائڻ کانپوءِ ڪا نئين ۽ الڳ شيءِ ٺهندي هجي جيڪا جسم تي اهڙا اڇا داغ ڇڏي ٿي،

ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ يوناني طبي فلسفو هو جنهن تحت ڪجهه ماڻهن ان وقت ۾ شين جي ٿڌي ۽ گرم تاثير هجڻ ڪري ٻنهي کي گڏائي کائڻ کان روڪيندي اهو چيو هو ته اهڙيون شيون گڏائي کائڻ سان بَگ نه به ٿئي پر معدي جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿڌي ۽ گرم شين جي گڏائي کائڻ سان ڪو اهڙو فرق ناهي پوندو جڏهن ته کاڌي جو مقدار ضرور جسم تي اثر ڇڏيندو آهي جنهن تي گهڻو غور ڪيو وڃي.

ڪا به شيءِ حد کان وڌيڪ کائڻ سان چمڙيءَ جا مسئلا ٿي سگهن ٿا، جيڪو فوڊ الرجيز جي زمري ۾ اچي ٿو، ڪجهه ماڻهن جي جسم ۾ اڳواٽ ئي چمڙي يا رت ۾ ڪجهه کاڌا برداشت نه ڪري سگهڻ جي صلاحيت هوندي آهي جنهن جي ڪري چمڙيءَ جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

جهڙوڪ دٻن واري مصالحن ۾ موجود پريزويٽو، ايڊيٽو يا فوڊ ڪلر جي ڪري به الرجي ٿي سگهي ٿي ۽ مرچن جو گهڻو استعمال به چمڙي جي مسئلن جو سبب بڻبو آهي.

ياد رهي ته اڄڪلهه اهڙا ريسٽورينٽس به موجود آهن جيڪي مختلف طريقن جا کاڌا پچائڻ لاءِ مڇيءَ کي کير ۾ گڏائي به تيار ڪن ٿا جنهن کي وڏي شوق سان استعمال ڪيو ويندو وڃي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.