فيس بڪ جي زندگي

زيد پيرزادو

سوشل ميڊيا مان مراد فيس بڪ، واٽس اپ جا گروپ ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ اھڙا ٻيا پليٽ فارم آھن پر انھن سڀني منجھان فيس بڪ وڌيڪ مشھور آھي. ڪيترن ئي ماڻھن فيس بڪ تي پنھنجا اڪائونٽ ته کولي رکيا آھن پر انھن جي استعمال بابت واضح نه آھن. ڪا به شيءِ بنا ڄاڻ جي استعمال ڪبي ته صحيح طريقي سان ڪڏھن به ڪري نه سگھبي. سوشل ميڊيا ڇا آھي، ان جو نظام ڪھڙو آھي ۽ ان جو ڪارائتو استعمال ڪيئن ٿو ڪري سگھجي. ڪيترن ئي ماڻھن کي سوشل ميڊيا بلڪل به سمجھه ۾ نه ايندي آھي. ڇو ته سوشل ميڊيا جو مزاج پنھنجو آھي جنھن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي.

فيس بڪ جا اڻ ڳڻيا فائدا آھن. فيس بڪ تي اوھان سڄي دنيا سان لھه وچڙ ۾ اچي ٿا سگھو. فيس بڪ ھر ماڻھو کي ھڪ وال ڏئي ٿو. اھا اوھان جي مرضي آھي ته ان وال کي ڪيئن ٿا استعمال ڪريو. پنھنجا مشاھدا ٿا شيئر ڪيو، ڪجهھ صلاحون ٿا شيئر ڪيو، ڪا نئين آئيڊيا ٿا ڏيو، ڪو مضمون ٿا لکو، ڪا شاعري ٿا لکو، ڪو گانو ٿا ڳايو، ڪا پينٽنگ ٿا لڳايو، ڪو مسئلو ٿا ٻڌايو يا ڪا خبر ٿا شيئر ڪيو. فيس بڪ وال جو اسڪوپ تمام وسيع آھي.

فيس بڪ بلڪل عام زندگيءَ جيان آھي. ڪي ماڻھو ڏاھا ھوندا، ڪي جذباتي، ڪي بدتميز ته ڪي علم وارا. فيس بڪ تي به شھرن وانگر مختلف ماڻھن جا گھر آھن. توھان مختلف ماڻھن جي گھر وڃي انھن سان ملاقات ڪري ٿا سگھو، جيڪي گھر وڻن انھن ڏي بار بار وڃو جيڪي پسند نه اچن تن کان پاسو ڪيو. فيس بڪ جو ھڪ اھم فائدو اھو آھي ته اوھان انھن ماڻھن سان ملي ٿا سگھو جن سان عام زندگيءَ ۾ ملڻ ذري گھٽ ناممڪن ھوندو آھي. اڳ غائباڻو تعارف ھوندو ھيو ھاڻي فيس بڪ سبب گھڻن ئي ماڻھن سان غائباڻي ملاقات به ٿي وڃي ٿي. فيس بڪ تي اوھان کي دنيا جا وڏا وڏا ڏاھا، تعليمدان، مفڪر، سڀني شعبن جا ماھر ملي ويندا. ھاڻي ته اوھان سڄي دنيا سان ڪميونيڪيٽ ڪري ٿا سگھو. توھان وٽ ڪو به سوال ھجي، مونجھارو ھجي ڪا صلاح گھربل ھجي ته اوھان ڪنھن به ماڻھو سان گھر ويٺي رابطو ڪري ٿا سگھو. فيس بڪ فقط تفريح لاءِ نه آھي نوجوانن کي پنھنجي ذھانت سان ان جو انتھائي ڪارائتو استعمال ڪري پنھنجو مستقبل روشن بڻائڻ گھرجي.  فيس بڪ يا سوشل ميڊيا بلڪل ايئن ئي علم حاصل ڪرڻ ۽ سکڻ جو ذريعو آهي جيئن ٽي وي، ڪتاب، سفر يا ڪچھريون ھونديون آھن. اوھان مختلف ماڻھن جا مشاھدا، شاعري، مضمون، تجزيا، خبرون، سرگرميون، سنگيت ۽ ھر قسم جي معلومات وٺي ٿا سگھو.

فيس بڪ ھر ماڻھوءَ کي اظھار جو دڳ ڏئي ھڪ ليکڪ ٺاھي ڇڏيو آهي. ھر ماڻھو کي صحافي ٺاھي ڇڏيو آھي جيڪڏھن ھو ڪا به خبر شيئر ڪري ٿو. ھر ماڻھوءَ کي ھڪ مشھور شخصيت ٺاھي ڇڏيو آهي، جڏھن ھن کي سڄي دنيا ڏسي، ٻڌي، پڙھي ۽ سڃاڻي ٿي. اخبارن جي سرڪيوليشن کان وڌيڪ فيس بڪ جي سرڪيوليشن آھي. توھان جڏھن ڪنھن اخبار ۾ ھڪ مضمون لکو ٿا ته اھو ان اخبار جي سرڪيوليشن موجب پنج يا ڏھ ھزار ماڻھن تائين پھچندو ھوندو،  پر جڏھن اھو مضمون فيس بڪ ته رکجي ٿو ته ان کي توھان جا پنج ھزار دوست پڙھي سگھن ٿا وري جيڪڏھن انھن دوستن مان ڏھ ڄڻا به ان کي شيئر ڪن ته اھا پوسٽ پنجويھن ھزارن ماڻھن تائين فوري طور تي پھچي وڃي ٿي. انڪري فيس بڪ ھاڻي بلڪل اھڙو ئي ميڊيم بڻجي ويو آھي جھڙي ٽي وي يا اخبار ھوندي آھي. ڪيترن ئي ماڻھن جي شھرت جو اڪيلو سبب فيس بڪ بڻيو آهي. توھان سان ڪو به مسئلو ھوندو آھي ته ڇا ڪندا آھيو؟ پنھنجن ڪن ويجھن کان مشورو وٺندو پر جڏھن اھو معاملو فيس بڪ تي لکندو ته اتي پنج ھزار ماڻھو موجود ھوندا جن مان ڪجھ وٽ ان سوال جو بھترين جواب ھوندو۽  اوھان جو مسئلو ممڪن آھي منٽن ۾ ئي حل ٿي وڃي.

فيس بڪ جو ھڪ ٻيو تمام وڏو فائدو اھو آھي ته اھو توھان کي محفوظ ڪري ٿو. مثال توھان جيڪي تصويرون اپلوڊ ڪندو اھي سدائين لاءِ محفوظ ٿي وينديون. اوھان جي لکيل ھر تحرير فيس بڪ تان ڪڏھن به ٻيھر حاصل ڪري سگھبي. اوھان جون سڀئي سرگرميون فيس بڪ وٽ ھميشه لاءِ محفوظ رھنديون. ٻيو ته ٺھيو توھان گذاري به وڃو ته توھان جو سڄو پروفائيل سڀني ماڻھن جي سامھون رھندو. اھڙي طرح فيس بڪ اوھان کي امرتا به ڏئي ٿو.

جن ماڻھن جا جملي دوست پنج سئو کان گھٽ آھن انھن وٽ ته شايد سڀني دوستن جون پوسٽون نيوز فيڊ ۾ اينديون ھجن پر جن ماڻھن جا چار ھزار دوست ھوندا انھن ماڻھن جي نيوز فيڊ ۾  روز چار ھزار ماڻھن جون پوسٽون ڪيئن ظاھر ٿينديون؟ تنھنڪري اسان کي سيڙجي انھن ماڻھن جي وال تي وڃڻو پوندو جن کي پڙھڻ ٿا چاھيون يا وري انھن کي پنھنجو فيوريٽ ٺاھي ڇڏيون. ان سان اھو شخص جيئن ئي ڪا پوسٽ رکندو فيس بڪ اسان کي ترجيحي بنياد تي ڏيکاريندو. نه ته فيس بڪ تي اوھان جون پوسٽون فقط انھن وٽ ئي ظاھر ٿينديون آھن جيڪي اوھان سان رابطي ۾ رھن ٿا، ڇو ته فيس بڪ آرٽيفيشل انٽيليجينس استعمال ٿو ڪري.

اسان سڀني کي پنھنجي وال کي صاف رکڻ گھرجي. مثال ڪو به ماڻھو جيڪڏھن ڏسڻ چاھي ته ھي ماڻھو ڪيئن آھي ھن جي سوچ يا ڪرت ڪھڙي آھي ته ھو توھان جي وال کي پڙھي اندازو لڳائي سگھي ٿو. اڪثر ماڻھن کي مون ٽيگ کان بيزار ڏٺو آھي. ويٺا ايلاز ڪندا ته ٻيلي مونکي ٽيگ نه ڪيو يا پڇندا ته ان جو حل ڇا آھي. ھڪ ته اوھان ٽيگ وارو آپشن ئي سيٽننگ مان بند ڪري ٿا سگھو، ٻيو اھو به آپشن آھي ته ڪو به توھان کي ٽيگ ڪري ته پڇيو وڃي ته اھا پوسٽ توھان جي وال تي شيئر ڪجي يا نه. اھا سيٽنگ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيگ ٿيل سموريون پوسٽون اوھان جي وال تي  ظاھر ٿينديون ۽ توھان جي وال تي توھان جون پوسٽون گھٽ ۽ ٽيگ ٿيل پوسٽون وڌيڪ نظر اينديون، تنھنڪري ٽيگ ٿيل پوسٽون پڙھي ٽيگ ھٽائي ڇڏيندا ڪريو جيڪڏھن اھا  پوسٽ اوھان لاءِ اھم نه ھجي.

فيس بڪ جي انباڪس جو مطلب چيٽننگ ناھي پر ان ذريعي اوھان سڄي دنيا جي ماڻھن سان ڳالهه ٻولھه ڪري ٿا سگھو. وڏا ماڻھو اڪثر مصروف ٿيندا آهن تنھنڪري توھان پنھنجو سوال يا مسئلو ڊرافٽ ڪري ميسيج انباڪس ڪري ڇڏيو، جڏھن به ان شخص کي وقت ملندو جواب ڏئي ڇڏيندو. سلام، ڪھڙا حال آھن، ڪٿي رھندا آھيو اھڙا سوال ٻين جو وقت ذيان ڪرڻ برابر آھن. فيس بڪ تي ڀلي ڪير توھان جي پوسٽ کي لائيڪ ۽ ڪمينٽ نه ڪندو ھجي پر اھي ماڻھو به اوھان جون پوسٽون پڙھن ضرور ٿا. بس ڪي اظھار ڪن ٿا ڪي نه، ھر ڪنھن جي طبيعت الڳ آھي پر توھان جو پيغام دوستن تائين پھچي ضرور ٿو.

جڏھن اسان ٻلھڙيجي جو واٽس اپ گروپ ٺاھيو ته ان جو پھريون قانون ئي اھو رکيو ته طنز، ٽوڪ ۽ ذاتي حملي جي اجازت نه آھي. فقط موضوع تي ڳالھايو. حيرت آھي ته ماڻھو فيس بڪ جھڙي عالمي سوشل ميڊيا تي ويھي به پاڻ مٿان اھا پابندي نه پيا سمجھن!! ھي عالمي سوشل ميڊيا آھي ان تي اھا ٻولي ڳالھايو جيڪا ميڊيا تي ڳالھائڻ جي قابل ھجي! ميڊيا تي ڳالھائڻ ۽ گھر جي ڪچھري جي تفاوت کي سمجھڻ جي شديد ضرورت آهي.

فيس بڪ جا ايترا فائدا ھجڻ باوجود اڄ به ڪيترائي ماڻھو ان کي فضول، بيڪار ۽ وقت جو ذيان سمجھندا آھن. مان سمجھان ٿو انسان جيڪڏھن وقت سان گڏ نه ھلندو ته پوئتي رھجي ويندو. ٽيڪنالاجي فائدو ڏيڻ لاء ئي ٺاھي ويندي آهي تنھنڪري ان کي سمجھي ان مان گھڻي مان گھڻو فائدو وٺڻ گھرجي. اڄ جي دور ۾ جيڪو سوشل ميڊيا  تي ناھي سو پنھنجو ئي نقصان پيوڪري. سمورا جديد انداز انسان کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ايجاد ٿيا آھن. مثبت ۽ منفي پاسا دنيا جي ھر شيءِ ۾ ھوندا آھن. ڏسبو اھو آھي ته اھا شيءِ فائدو گھڻو ٿي ڏئي يا نقصان. منھنجي نظر ۾ سوشل ميڊيا جا فائدا تمام گھڻا آھن. اھي سڀئي بحث ھر نئين ايجاد وقت ڪيا ويا. ڪار، ٽي وي، ڊش اينٽينا ۽ ھاڻي موبائيل،  فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا خلاف!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.