اٽي پهچائڻ ۾ به بدعنواني !

سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ڏينهن کان اٽي جو بحران جاري آهي پر سرڪار اڃا تائين هن مسئلي کي ختم نه ڪري سگهي آهي. سنڌ ۾ اٽي جو بحران ڄڻ ته ڪشمير جو معاملو هجي، جيڪو حل ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. هڪ ته سنڌ ۾ اٽو اڻلڀ آهي ۽ ٻيو جيڪڏهن ڪٿي خوشقسمتيءَ سان ملي به پوي ٿو ته اهو قاتل بڻيل آهي، جيڪو بکن ۾ پاهه بڻيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن کان حياتي کسي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپور خاص ۾ سنڌ حڪومت پاران سستي اٽي جي لڳايل اسٽال تي اٽي جي خريداريءَ لاءِ ماڻهن جي پيهه ۾ پيرسن هرسنگهه ڪولهي لتاڙجي فوت ٿي ويو. اٽي جي بدران گهر سندس لاش ويو. هاڻي ته سنڌ جي شهرن ۾ سستي اٽي جي لڳايل اسٽالن تي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ معمول بڻيل آهي. هڪ ته هو رش ۾ ڪِرِي لتاڙجي زخمي ٿين ٿا ۽ ٻيو وري انتظاميا طرفان اٽو ڏيڻ بدران لٺيون هڻي سندن تذليل ڪري کين زخمي ڪيو پيو وڃي.

حڪمران اٽي جي بحران تي ضابطو آڻڻ بدران بيان بازيءَ ۾ پورا آهن. هڪ ڏينهن هڪ بيان ڏين ته ٻئي ڏينهن وري يوٽرن وٺندي پنهنجي بيان جي ابتڙ ٻيو بيان ڏين. ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي هڪ ذميوار بيان ڏنو ته سنڌ ۾ اٽي جا اسٽال وڌائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ 15 مارچ تائين 65 رپيا في ڪلو اٽو رعايتي اگهه تي ماڻهن کي ڏنو ويندو. ٻئي ڏينهن تي وري هن اهو بيان ڏنو ته سنڌ ۾ اٽي جي قيمت 95 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ فلور ملز جي ڪوٽا وڌائي وئي آهي. 1100 سيل پوائنٽس تي اٽو 65 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سستو اٽو ملي رهيو آهي. اهڙي دعويٰ هڪ ٻئي ذميوار ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ روزانو 10 ڪلو اٽي جا 7 لک ٿيلها ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن ۽ اٽو 65 رپيا ڪلو سبسڊي اگهه تي ڏنو پيو وڃي. انهن جي بيانن جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ صورتحال ئي ٻي نظر ايندي پر هنن جي نظر ۾ سڀ ڪجهه صحيح آهي. سچ اهو آهي ته ڪجهه به صحيح نه آهي. ان لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اهو بيان ” اٽي جي کوٽ تي ماڻهو گاريون پيا ڏين“ ڪافي آهي.

اٽي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خوراڪ وارو صوبائي وزير مڪيش چاولا وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري سعيد احمد مگريو، سيڪريٽري خوراڪ راجا خرم شهزاد عمر، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد حنيف چنا، ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سستي اٽي جا اسٽال وڌائڻ ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ اٽي جي هٿرادو اگهن ۾ واڌ ۽ ذخيروه اندوزي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽريءَ کي انتظاميا پاران اگهن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ان تي عمل ته نه ٿي سگهيو پر حڪومت پاران جيڪو غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي سستو اٽو ڏنو پيو وڃي، هڪ ته اهو هوٽلن تي اڌ قيمت تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ ٻيو بدبودار آهي.

ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ غريب ماڻهن لاءِ آيل سستو اٽو اڌ بها تي هوٽلن تي وڪرو ڪري تصوير ڪڍي خانه پوري ڪئي وئي ۽ ٻيو شهيدبينظرآباد ضلعي ۾ جيڪو حڪومت پاران سستو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، اهو اڍائي سال پراڻو مدي خارج آهي، جنهن تي رمضان پئڪيج لکيل آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن شهيد بينظيرآباد واسين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سرڪاري اسٽالن تي جيڪو سستو اٽو ڏنو پيو وڃي، ان ۾ بدبوءِ آهي ۽ ان تي رمضان پئڪيج لکيل آهي. انتظاميا بکن ۾ پاهه ٿيل ماڻهن کي اٽو ڏئي سندن پيٽ جي بک ته اُجهائي پر هي ته بدبودار اٽو ڏئي کين اڳتي پئي ڪري.

اٽي واري بحران کي حل ڪرڻ لاءِ نه سنڌ حڪومت جوڳا قدم پئي کڻي ۽ نه وري وفاقي حڪومت. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جو ته رويو اسان جي آڏو آهي پر وفاقي حڪومت جو رويو به ان کان گهٽ نه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ جي خوراڪ واري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي بحران سان وفاقي حڪومت جو ڪو به واسطو نه آهي. مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ صوبن جي ذميداري آهي ۽ اهڙي ئي ڳالهه گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪندي چئي ته ملڪ ۾ اٽي جي بحران واري سوال جو جواب صوبن کان پڇيو وڃي. حڪمرانن جو اهڙو رويو هجي ته پوءِ ملڪ مان اٽي جو بحران ڪيئن ختم ٿي سگهندو؟

هن وقت ملڪ ۾ اٽي جي بحران واري صورتحال ايتري ته سنگين ٿي وئي آهي جو ان تي پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي ) پنهنجي ڳنتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سستي اٽي لاءِ ڇڪتاڻ جا واقعا صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن لاءِ واضح تنبيهه آهن. وڌندڙ مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ ملڪ کي انساني حقن جي بحران ڏانهن ڌڪي رهي آهي. ورهاست جو ناقص طريقو ۽ وڏي پيماني تي برطرفيون ملڪ کي بحران ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. جيڪڏهن رياست سستي اگهه تي خوراڪ جي منصفاڻي ورهاست کي ترجيح نه ڏني ته هرسنگهه ڪولهيءَ جهڙا واقعا ٿيندا رهندا.

هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ شهريءَ پاران اٽي جي بحران ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف داخل پٽيشن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ڊبل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي مسئلي جي حل لاءِ سيڪريٽري فوڊ، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري ورتو آهي.

غريب ماڻهن حڪومت ڏانهن به ڏٺو ته عدالتن ڏانهن به. هاڻي سندن صبر جو پيمانو ٽٽي پيو آهي. منجهن ڪاوڙ جي لهر پکڙجي رهي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن احتجاجن جو سلسلو وڌي رهيو آهي. سنڌ جو ڪو اهڙو شهر نه آهي، جتي احتجاج نه ٿيندو هجي پر تنهن باوجود به حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه ٿي چُري. ڄڻ ته سنڌ ۾ ڪجهه نه ٿيندو هجي. حڪومت اٽي واري مسئلي تي پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏيو آهي. ان مسئلي تي ماڻهو جيئي ته ڇا مري ته ڇا. ان سان حڪومت جو ڪجهه به نه وڃي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت اٽي جي بحران ۽ سستي اٽي جي فراهميءَ ۾ بدعنوانيءَ جو نوٽيس وٺي ماڻهن جي ان مسئلي کي حل ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.