جنيوا ڪانفرنس واري مالي امداد ۽ زميني حقيقتون

انور ساجدي

ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ وفاقي حڪومت کي جيڪا امداد ملي آهي. تنهن کان بلوچستان جي حڪومت کي محروم رکيو ويو آهي، جنهن سبب صوبي جي هيٺين علائقن جهڙوڪ نصيرآباد ڊويزن جي ڪجهه حصن ۾ جيڪا تباهي آئي، تنهن جا اثر اڃان تائين موجود آهن. هاڻي جڏهن ٻوڏ جي تباهين جي نالي تي جنيوا ڪانفرنس ۾ جيڪا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اها امداد ملي به وئي ته ان جو چڱو حصو بلوچستان کي نه ملندو. ڇاڪاڻ ته وفاق اهو سمجهي ٿو ته بلوچستان شديد مالي بد انتظامي جو شڪار آهي، ان ۾ صلاحيت ناهي جو اهو ٻوڏ متاثرن جي وري آبادڪاري ڪري سگهي.

جنيوا ڪانفرنس ۾ قدوس بزنجو شرڪت نه ڪري سگهيو. سندس جڳهه تي انتهائي تجربيڪار چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيليءَ حصو ورتو ۽ هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. بلوچستان ۽ پشتونخواهه جا صوبا اڳ ۾ ئي شديد مالياتي خساري جو شڪار آهن، خيبرپختونخواهه ته عملي طور ڏيوالو ٿي چُڪو آهي جڏهن ته بلوچستان وٽ به سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ رقم ناهي. صوبي جي اڳوڻين حڪومتن اين ايف سي ايوارڊ جي تحت مليل اربين روپين جي رقم کي غير ضروري ۽ بي فائدي وارن منصوبن تي خرچ ڪيا. بدانتظامي جو اهو حال آهي ته درجن ڊيمن تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا. جيڪي گذريل ٻوڏ سبب ٽٽي پيا آهن. اهي ڊيم نامناسب منصوبابندي ۽ ماهرن جي راءِ جي ابتڙ قائم ڪيا ويا هيا.

اصل ۾ بلوچستان جو منصوبابندي وارو کاتو اها صلاحيت ئي نٿو رکي جو مختلف شعبن ۾ صوبن جي ترقي جي ڊيزائن ڪري سگهي. هيءُ واحد صوبو آهي جنهن جو منصوبابندي وارو کاتو ٽيڪنيڪي ماهرن کان خالي آهي. تنهن ڪري صوبي جي وسيلن ۾ ڪيترو ئي واڌارو ڇو نه ٿئي ان سان عوام جي حالت نه بدلبي. هتان جي بيڊ گورننس جو سبب سياسي انجنيئرنگ آهي جنهن ذريعي حقيقي ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ کان لهرايو ويندو آهي اهو سڀ بلوچستان کي غير سياسي عمل مان گذارڻ جي هڪ پريڪٽس آهي ته جيئن ڪو حقيقي نمائندو صوبي جي عوام جي حقيقي مسئلن کي نروار نه ڪري سگهي. صوبي جا جملي انتظام ڊگهي عرصي کان ڪاسميٽڪ طريقي سان هلايا پيا وڃن. بظاهر اسيمبلي ڪابينا ۽ وڏو وزير موجود آهن پر انهن کي اهو مقام يا رتبو حاصل ناهي جيڪو باقي صوبن جي نمائندن ۽ ادارن کي مليل آهي. ان کي بدقسمتي چئجي يا ٻيو ڪجهه. ٻيو ته بلوچستان ۾ اپوزيشن سري سان موجود ئي ناهي جيڪا اپوزيشن آهي سا به فرينڊلي آهي جنهن جو مقصد سکڻيون مراعتون ماڻڻيون آهن ۽ بس.

بلوچستان جا مالي وسيلا هونئن ته آصف زرداري جي ٺاهيل نئين اين ايف سي فارمولي تحت ڪافي وڌي ويا آهن جيڪي کربن ۾ آهن. ايڏي وڏي رقم باوجود زمين تي ترقي نظر نه پئي اچي. عوام هر قسم جي سهولت کان محروم آهي. بلوچستان ۾ اهڙيون نمائشي حڪومتون ان ڪري قائم ڪيون ويون آهن جو وفاق کي بلوچستان جي زمين ۽ معدني وسيلن، گوادر پورٽ وغيره جي ضرورت آهي. گوادر پورٽ جو معاهدو ڪيو ويو ته بلوچستان جي حڪومت کان پڇيو ئي نه ويو. اهڙي نموني ريڪوڊڪ جي وڪري ۾ وڏي وزير کان صحي ته ورتي وئي پر ان کي اهو نه ٻڌايو ويو ته معاهدي ۾ ڇا لکيل آهي.

عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي پنجن ٻيٽن کي عالمي سيڙپ ڪاري لاءِ پيش ڪرڻ جو پلان بڻايو ويو هو، انهيءَ مقصد لاءِ دبئي ۾ عالمي ادارن سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحي به ڪئي وئي هئي پر موجوده ان تباهي واري منصوبي کي انجام تي نه پهچائي سگهيو جنهن کانپوءِ عمران خان راوي نديءَ تي شهر اڏائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو جيڪڏهن شروع ٿيو ته اهو شهر 2050ع تائين مڪمل ٿي ويندو. بلوچستان پهريون ساحل کان محروم ٿيو هو ۽ ريڪوڊڪ سان هاڻي وري معدنيات کان محروم ٿيو آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليءَ پنهنجا اختيار وري وفاق کي ڏنا جيڪو عمل 18 هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ان ترميم جو خالق آصف زرداري آهي. اهڙي نموني مرڪز اڳتي به جيڪو چاهيندو سو ڪري سگهندو ۽ صوبا پابند هوندا ته اهي هر ڊيل کي من و عن تسليم ڪن. بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي جملي ميمبر ان ٺهراءُ جي منظوري مهل خاموش هيا.

سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جو ذڪر ته تمام گهڻو ڪيو ويندو آهي پر انهن تي رحم جي نظر گهٽ ئي رکي ويندي آهي. جيڪڏهن بي حسي جو اهو ئي عالم رهيو ته جنيوا مان واعدن مطابق ملندڙ اربين ڊالر  به حقدارن تائين پهچي نه سگهندا. باوجود ان جي ته عالمي ڪانفرنس جو ٿيڻ اڪيلي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هن ٻوڏ جي اشو تي ڀرپور عالمي مهم هلائي هئي جنهن سبب گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ ترقي يافته ملڪن هڪ ڊونرز ڪانفرنس ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. ان ڪانفرنس ذريعي اهو به طئي ٿيو ته اڳتي دنيا اندر ڪنهن به حصي ۾ قدرتي آفت آئي ته امير ملڪ اخلاقي طور تي مدد لاءِ پابند هوندا.

جيڪڏهن جنيوا ڪانفرنس جي واعدي موجب امداد ڏني وئي ته پاڪستان لاءِ مالياتي سولايون پيدا ٿينديون ۽ ڊيفالٽ جو خطرو ٽري ويندو. ان کان علاوه آرمي چيف جي سعودي عرب ۽ يو اي اِي جي دوري جو به جلد نتيجو نڪرندو. عمران خان، شهباز حڪومت جي ان عمل کي پنڻ ٿو قرار ڏي پر هو اهو وساري ٿو ڇڏي ته جڏهن اهو اڳوڻي آرمي چيف جو هٿ جهلي انهن ئي ملڪن ڏانهن ويندو هو ته اهو ڇا هو؟ تڏهن کيس شرم ڇو نه ايندو هو. جيئن هو مالي کوٽ سبب مجبور هو تيئن ان کان به وڌيڪ موجوده حڪومت مجبور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.